ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ اينٽي نارڪوٽڪس واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا هلندڙ مالي سال 23-2022ع جي ٽيڪس وصولين جا تفصيل جاري ڪندي چيو آهي ته هلندڙ مالي سال ۾ ٽيڪس جا 102 سيڪڙو هدف حاصل ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ ڪل 124632.802 ملين رپيا ٽيڪس جمع ڪيو ويو. موٽر وهيڪل ٽيڪس جي مد ۾ 10303.825 ملين روپيا، انفراسٽرڪچر سيس جي مد ۾107497.898 ملين رپيا ، پروفيشنل ٽيڪس جي مد ۾ 707.890 ملين رپيا ۽ ڪپهه جي فيس جي مد ۾ 4.322 ملين رپيا حاصل ڪيا، جڏهن ته باقي رقم ٻين ٽيڪسن جي مد ۾ گڏ ڪئي وئي. مڪيش ڪمار چاولا چيو ته 100 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي هدف تي ايڪسائيز کاتي جا آفيسر ۽ عملي جا ميمبرن مبارڪباد جا مستحق آهن. انهن جي سٺي ڪارڪردگي سبب گذريل ڪيترن سالن کان 100 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن. ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته آفيسرن ۽ عملي جي خدمتن جي اعزاز ۾ آگسٽ ۾ هڪ رات جي ماني جو انتظام ڪيو ويندو.
