ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) سنڌ جي ايڪسائيز کاتي فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي ڪارن ۽ موٽرسائيڪلن لاءِ اجرڪ جي نشان واريون جديد نمبر پليٽون ٺهرايون وينديون. ان سلسلي ۾ ايڪسائيز جي سيڪريٽري عبدالحليم شيخ جو حوالو ڏيندي ”جيو ويب سائيٽ“ تي خبر ڏني وئي آهي ته پهرئين مرحلي ۾ 03 لک گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن لاءِ اجرڪ جي نشان واريون نمبر پليٽون ٺهرايون وينديون. جڏهن ته چِپِ واريون نمبر پليٽون سال 2020 ۾ پڌريون ڪيون وينديون ان لاءِ سنڌ ڪابينا ۽ وزيراعليٰ سنڌ کان منظوري ورتي ويندي. سيڪريٽريءَ چيو آهي ته جديد نمبر پليٽ کي اگر اسڪين ڪيو ويندو ته مالڪ سميت گاڏيءَ متعلق هر قسم جي معلومات ترت حاصل يٿ سگهندي ۽ گاڏي چوري ٿيڻ جي صورت ۾ ان کي ڳولهڻ آسان ٿي پوندو.
