ايڊيشنل سيشن ججن جي امتحان ۾ ميرٽ جي لتاڙ، انصاف ڪريو، صبا ڪلمتي

ملير (رپورٽ درياخان شر) ايڊيشنل سيشن ججن جي امتحال ۾ نا انصافي نه ٿيڻ ڏيندس ۽ انصاف لاءِ هر فورم تي آواز بلند ڪندي سپريم ڪورٽ جو در کڙڪائيندس. اهڙو اظهار صبا ڪلمتي بلوچ ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن ٻڌايو ته 7 اپريل تي سنڌ هائي ڪورٽ جي هال ۾ سکر آئي بي اي طرفان سنڌ ۾ 3 ايڊيشنل سيشن ججن جي خالي جاين لاءِ لکت ۾ ٽيسٽ ٿي. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان 1175 اميدوارن حصو ورتو انهن مان مون 62 سيڪڙو مارڪون کڻي سڄي سنڌ ۾ ٽاپ ڪيو. هن چيو ته ٽيسٽ جو نتيجو 9 اپريل تي جاري ڪري ويب سائيٽ تي رکيو ويو. جڏهن ته ٻيا سمورا اميدوار فيل ٿي ويا جن ۾ جوڊيشنل ميجسٽريٽ، اعلي عدالتن جي ججن جي اولاد  ،ڪامورن جا پٽ ،ايم اين اي ۽ ايم پي اي جا مائٽ به شامل هئا. جنهن سبب امتحان جو ظاهر ڪيل نتيجو رد ڪيو ويو۽ ٻيهر 28 اپريل تي ٽيسٽ ورتي وئي. هن چيو ته اها ميرٽ جي لتاڙ ۽ غريبن سان زيادتي آهي. جنهن خلاف هن ٻڌايو ته اهڙي زيادتي خلاف هن سنڌ هائي ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي پر جج ان پٽيشن کي ٻڌڻ لائق قرار نه ڏيندي خارج ڪري ڇڏي. هن ڀنل اکين سان اعلان ڪيو ته هو انصاف لاءِ هر فورم تي آواز بلند ڪندي سپريم ڪورٽ جو در کڙڪائيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو