اينٽي ٿيفٽ سيل جو منگهوپير قانوني هائيڊرنٽس تي ڇاپو

ڪراچي (پ ر ) سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي هدايتن تي ليڊر ٽيم بي اينٽي ٿيفٽ سيل عامر خان جي اڳواڻي ۾ حب ڪئنال منگهوپير ۾ غير قانوني هائيڊرنٽس تي ڇاپو ھنيو ويو، ڪارروائي دوران ٽينڪر نمبر TTB-038 غير قانوني هائيڊرنيٽ مان پاڻي ڀريندي پڪڙي منگھوپير ٿاڻي تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ليڊر ٽيم بي اينٽي ٿيفٽ سيل عامر خان جو چوڻ هو تہ ذريعن موجب رضوان گجر ۽ جمشيد تنولي پوليس واري جي اڳواڻي ۾ حب ڪئنال مان پاڻي چوري ڪري هائيڊرينٽ هلائي رهيا هئا، پاڻي چور رضوان گجر ۽ جمشيد تنولي خلاف لاڳاپيل ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو