ايم آرڊي جي شهيدن جي ياد ۾ تقريب، ڀيٽا پيش

سڪرنڊ(راج ڪماراوڏ) 36سال اڳ  29 سيپٽمبر 1983۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران سڪرنڊ لڳ ڳوٺ پنهون خان چانڊيو ۽ حاڪم چانڊيو جي جانثارن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي هميشه لاءِ امر بڻجي ويا هئا جن ۾ چانڊيا، خاصخيلي ۽ مڱڻھار برادري جا جوڌا شامل هئا تن جي قرباني جو ڦل اڄ تائين پيپلز پارٽي جا اڳواڻ جمهوريت جي صورت ۾ حاصل ڪري رهيا آهن واقعو ڪيئن ٿيو ۽ شهيدن جي وارثن کي پيپلزپارٽي حڪومت ڇا ڏنو يا جيڪي زخمي ٿيا يا معزور ٿيا انهن جي وارثي ٿي يا نه. يا اهي ڪهڙي حال ۾ آهن اهو هڪ ڊگهو بحث آهي پر سدائين ورسيءَ جي موقعي تي ماَڻھن جون خبرون ٻڌندا آهيون ته شهيدن جي وارثن کي ڪجھ نه مليو پر ورسي گذرڻ کانپوءِ نه اهي ماڻھون ظاهر ٿيندا آهن ۽ نه ئي شهيدن جي وارثن مان ڪو دانهن ڪندو آهي جنهن مان لڳي ٿو ته  شهيدن جي وارثن جي پوئواري ٿي آهي  هن وقت ڏک ان ڳالھ جو آهي ته جن شهيدن جي قربانين جي ڪري جمهوريت مضبوط ٿي ۽ پيپلز پارٽي ۾ سڪرنڊ جي شهيدن جي ڪري تاريخ جڙي. ٿيڻ ايئن کپندو هو ته شهيدن جي نالي تي هڪ يادگار جڙڻ کپي جنهن جو بار بار ميڊيا ڌيان پڻ ڇڪائيندي رهي آهي پر اڃا تائين يادگار نه جڙي سگهيو آهي جڏھن ته پارٽي لاڳيتو اقتدار ۾ پڻ رهي آهي پر خبر ناهي يادگار جوڙڻ ۾ ڪهڙي رڪاوٽ آهي  ڪيتريون ورسيون ايئن به ٿيون آهن جن ۾ حڪمرانن پڻ شرڪت ڪئي آهي هن ورسي کي سرڪاري سطح تي  هر سال لازمي طور ملهائڻ جو اعلان ٿيل هجي خير وري به شاباس آهي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو کي جيڪو پنهنجي وت ۽ وس آهر شهيدن کي ياد ڪندو اچي ٿو.ايم آر ڊي جا ٻه مک ڪردار مرحوم سيد امداد محمد شاھ ۽ صحافي مرحوم قاضي سرفراز سنائي جن جي ذڪر کانسواءِ شهيدن جي تاريخ اڻپوري آهي اوائلي ڏينهن ۾ جڏھن ايم پي اي جي بنگلي تي ورسيون ٿينديون هيون ته ان ۾ صرف ذڪر نه پر امداد شاھ خود مک مهمان هوندو هو ورسي پروگرام ڪندڙن خاص ڪري محترم غلام قادر چانڊيو ۽ حاجي علي نواز چانڊيو کي جيڪي سلجهيل پڻ آهن ته هڪ ڳالھ ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته تاريخ کي ميسارڻ وارن جي به تاريخ لکبي آهي ان ڪري اختلاف پارٽيون ۽ سوچون ڀلي الڳ الڳ هجن پر سچ ڪڏھن به لڪائي  نه سگهبو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو