ايمن جي رقص واري ويڊيو ڪنهن کي به متاثر نه ڪيو ڇو؟

لاهور (ويب ڊيسڪ)تازو ئي شادي شده پاڪستاني اداڪارا ايمن سليم پنهنجي مهنيءَ ۾ ڊانس پرفارمنس ڏيڻ بعد تنقيد جو نشانو بڻايو.فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي گذريل ڏينهن قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي رانديگر سليم يوسف جي ڌيءَ ۽ اداڪارا جي مهندي جون مختلف وڊيوز سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل آهن.وائرل ٿيل وڊيوز ۽ تصويرن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڊراما سيريل چپي چپڪي سان شوبز انڊسٽري ۾ داخل ٿيندڙ اداڪارا جي مهندي تقريب ۾ تفريحي فنڪارن به ڀرپور شرڪت ڪئي.اهڙي طرح اداڪارا جي مڱڻي، نڪاح ۽ ڍولڪي تقريب جون تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿي ويون، پر مهندي تقريب ۾ اداڪارا رقص ڪندي سوشل ميڊيا صارفين کي اکيون ٻوٽي ڇڏيون. هڪ صارف دلچسپ انداز ۾ تنقيد ڪندي لکيو ته مان سمجهان ٿو ته هوءَ پرفارم ڪندي پنهنجي ذهن ۾ ڪجهه ٻيو تصور ڪري رهي آهي، جڏهن ته هڪ ٻئي صارف کيس مستقبل ۾ ڊانس نه ڪرڻ جي تلقين ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو