ايل اين جي ريفرنس تي ٻڌڻي بنا ڪاروائي جي ملتوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف ايل اين جي ريفرنس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران شاهد خاقان عباسي ۽ نيب پراسيڪيوٽر عثمان مسعود احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا.نيب پراسيڪيوٽر عثمان مسعود عدالت کي ٻڌايو ته ايل اين جي ريفرنس ۾ 11 ڄڻن جا بيان رڪارڊ ٿي چڪا آهن، جرح جاري هئي، ڪيس هلندڙ هو ته سپريم ڪورٽ ۾ ترميم آئي.ان موقعي تي صفائي جي وڪيل طرفان ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي.احتساب عدالت درخواست منظور ڪندي ايل اين جي ريفرنس جي ٻڌڻي 23 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو