ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ آٽوميشن لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ آٽوميشن لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف 10 رڪني اسٽيئرنگ ڪميٽي جو چيئرمين هوندو، جنهن جو باضابطا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه ناڻي، واپار، صنعت ۽ پيداوار، قانون جا وفاقي وزير اسٽيئرنگ ڪميٽي جا ميمبر هوندا. ڪميٽي ايف بي آر ۾ منظور ٿيل سڌارن واري منصوبي تي عملدرآمد جي نگراني ڪندي جڏهن ته ايف بي آر ۾ جامع سڌارن ۽ آٽوميشن جي سهولت فراهم ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو