ايف اي ٽي ايف جي اعتراضن بعد مختلف ڪاروبارن لاءِ ريگوليٽر مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ بنا ريگوليٽر جي هلندڙ مختلف ڪاروبارن جي ريگوليشن لاءِ حڪومت اهم فيصلو ڪندي ريگوليٽر مقرر ڪري ڇڏيا آهن. زيورات، هيرن، جواهرن، ۽ قيمتي پٿرن جي ڪاروبار کي ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ ايف بي آر کي عارضي ريگوليٽر مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته وڪيلن، ليگل ايڊوائيزرز ۽ قانون جي فرمز جي ريگوليشن جو ڪم قانون واري وزارت حوالي ڪيو ويو آهي. فنانشل ڪنسلٽنٽس، اڪائونٽنٽس، چارٽرد اڪائونٽنتس وغيره جي ريگوليشن اوور سائيٽ بورڊ حوالي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پاڪستان پوسٽ، قومي بچت وغيره جي ٽرانزيڪشن جي مانيٽرنگ ۽ ريگوليشن جو ڪم فنانشل مانيٽرنگ يونٽ جي حوالي ڪيو ويو آهي. ڊان نيوز جي هڪ رپورٽ موجب اهڙو فيصلو پيرس ۾ ٿيل ايف اي ٽي ايف جي اجلاس بعد ڪيو ويو آهي. ڇو ته ايف اي ٽي ايف پاڪستان جي مٿي ڄاڻايل غير منظم شعبن جي ريگوليشن نه هئڻ تي تحفظات ظاهر ڪيا ويا هئا ۽ چيو ويو ته ايترا شعبا بنا ڪنهن ريگوليٽري نظام هيٺ هلي رهيا آهن ۽ انهن شعبن کان قومي خطرن جي خاتمي لاءِ زور ڏنو ويو هو. وزيراعظم جي هدايت تي ايف اي ٽي ايف جي خدشن کي دور ڪرڻ لاءِ ڊسمبر جي ڊيڊ لائن مقرر ڪئي وئي هئي ۽ ان ڏس ۾ اين ايف سي سي قائم ڪئي وئي هئي جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ، سيڪورٽي ايڪسچينج ڪميشن، ايف آءِ اي، ڪسٽمز، ايف بي آر کانسواءِ جي ايڇ ڪيو جا 3 نمائندا به ان ۾ شامل ڪيا ويا هئا. هنن نوان شعبن جي ريگوليشن سبب پاڪستان جي ٽيڪس آمدن ۾ به اضافو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو