ايس ايس پي آفيس سامهون ملڪ برادري جو ڌرڻو

ميرپورماٿيلو(ظهيروسير) گڏاڻي برادري ۽ پوليس جي زيادتين خلاف ملڪ برادري جي مردن ۽ عورتن پاران ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو.ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ برادري ۽ گڏاڻي برادري جا ماڻهو زرعي پاڻي جي وارا بندي تان وڙهي پيا هئا. جهيڙي ۾ سڪندر گڏاڻي زخمي ٿيو هو، پوليس پاران ملڪ برادري جا 2 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا هئا. ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ عبدالرزاق ملڪ ۽ ابراهيم ملڪ دانهيندي چيو ته پوليس زيادتيون پئي ڪري، گڏاڻي برادري جي ماڻھن اسان جي نوجوان  کي زخمي ڪيو آھي. هنن چيو ته گڏاڻي برادري جي نيڪ محمد ۽ محمد امين ڊاڪٽرن کان ڪوڙو سرٽيفڪيٽ وٺي ڊرامو ڪري سڪندر گڏاڻي کي زخمي ڪيو، ايس پي جاچ ڪري ۽ ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪري، گڏاڻي برادري ۽ پوليس جي زياديتن کان اسان کي بچايو ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي. ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ آهي ته ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي، ڊاڪٽر جي سرٽيفڪيٽ مطابق ڪيس داخل ٿيو آهي ميرٽ تي جاچ ڪنداسون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو