ايس ايس پي آفيس آڏو لاش رکي احتجاج، انصاف ڪريو

ميرپورماٿيلو (ن س)چار ڏينھن اڳ ڪولاچي ۽ پتافي برادري جي ٿيل جھيڙي ۾ ڪولاچي برادري جو زخمي ٿيل نوجوان زخمن جا سور نه سھندي گمبٽ اسپتال ۾ڇنڇر تي فوت ٿي ويو. فوتي شير محمد ڪولاچي جي وارثن پاران ٻيلو پوليس خلاف ايس ايس پي آفيس اڳيان لاش رکي ڌرڻو هڻي پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته زمين اسان جي آھي پتافي برادري اسان مٿان ناحق حملو ڪيو آھي، پتافي حملي آور منهنجي گھر مان ان کڻي ويا 6 سولر پليٽون کڻي ويا پوليس ونگارو بڻيل آھي. ان موقعي تي رفيق احمد، عبدالغفار، مختيار احمد ڪولاچي ۽ ٻين چيو ته پوليس ڌر ڀر ڪري رهي آهي، ايس ايس پي نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي اسانکي انصاف ڏي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو