ايران جي 52 هنڌن تي حملو ڪري سگهون ٿا؛ ٽرمپ جي ڌمڪي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران آمريڪي فوجين يا ان جي ملڪيتن تي حملو ڪيو ته تهران جي 52 هنڌن کي نشانو بڻائي سگهون ٿا. گذريل ڏينهن ايران جي پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر جنرل غلام علي ابو حمزه پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته جتي ۽ ڪنهن وقت به موقعو مليو ته آمريڪا کي جنرل سليماني جي قتل جو جواب ڏينداسين. جنرل غلام علي ابو حمزه جو چوڻ هو ته هرمز سمنڊ ۾ جنگي جهاز ۽ اسرائيلي دارالحڪومت تل ابيب سميت 35 ٺڪاڻا ايران جي نشاني تي آهن ايراني ڪمانڊر ان بيان کان پوءِ وچ اوطر ۾ جنگ جا بادل وڌيڪ گهرا ٿي ويا آهن. ايراني ڪمانڊر جي ڌمڪي تي ردعمل ڏيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي وڏي، تيز ترين ۽ تباهي آڻيندڙ حملن جي ڌمڪي ڏني. ڊونلڊ ٽرمپ ايرانکي خبردار ڪندي چيو ته ايران آمريڪي اهلڪارن ۽ ٺڪاڻن تي حملو ڪيو ته اسان جي 52 ٺڪاڻن کي نشانو بڻائي سگهون ٿا. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته 1979 ۾ تهران ۾ 25 آمريڪين کي آمريڪي سفارتخاني ۾ يرغمال بڻايو ويو هو آمريڪا وڌيڪ خطرو نه ٿو چاهي. خيال رهي ته 3 جنوري تي آمريڪا عراقي ايئرپورٽ تي حملو ڪري ايران جي القدس فورس جي ڪمانڊر جنرل قاسم سليماني کي قتل ڪيو هو. ايراني ڪمانڊر جي مارجڻ تي آمريڪي وزير خارجه مائيڪ پومپيو جو چوڻ هو ته عراقي جنرل سليماني جي موت تي خوشيءَ سان نچي رهيو آهي. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي ۽ صدر حسن روحاني سخت ردعمل ڏيندي آمريڪا کان جنرل سليماني جي قتل جو بدلو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو