او جي ڊي سي فيلڊ ۾ نوڪري نه ملڻ تي ڳوٺاڻن جو احتجاج

سانگهڙ(رپورٽ منٺار علي رند) چوٽياريون ويجهو او جي ڊي سي ايل ڪمپني جي سروي ڪيمپ ۾ مقامي ڳوٺاڻن کي نوڪرين ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج دوران سيد علي بخش شاھ، سيد الھبچايو شاھ، سيد لعل خان شاھ، سيد محمد خان، سيد عطر شاھ، سيد گل بھار شاھ ۽ ٻين چيو ته اسان هتان جا مقامي رھواسي آھيون پر اسان کي تيل ڪمپني وارا نوڪرين ۾ نظر انداز ڪن پيا. بااثرن ۽ من پسند ماڻهن کي نوڪرين ۾ لڳايو پيو وڃي ۽ اسان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ڇو جو اسان غريب ۽ بي پهچ آهيون اسان جڏھن اتي ڪيمپ تي ويا آهيون ته ھڪ مھيني کان اسان کي روز روز اھو چيو ويندو آهي ته اوهان کي نوڪري تي لڳائينداسون پر افسوس جو اسان اتي سڄو ڏينهن ويھي واپس ٿي ويندا آهيون پر نوڪري نه ٿا ڏين. اسان او جي ڊي سي ايل ڪمپني جي اعلي’ آفيسرن کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان هتان جا مقامي ڳوٺاڻا آھيون اسان کي نوڪرين تي لڳايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو