اويس شاهه جي فرنٽ مين جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

روهڙي (ن س) نيب سيد خورشيد شاهه جي ڀائٽي ايم پي اي سيد اويس شاھ جي مبينا فرنٽ مين زبردست مھر کي احتساب عدالت جي جج امير علي مهيسر جي عدالت ۾ سومر تي پيش ڪري جاچ لاءِ سندس جسماني رمانڊ ورتو جيڪو عدالت ڏئي ڇڏيو ۽ ٻن هفتن بعد کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي. کيس نيب وارن آچر تي روهڙي مان گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب ذريعن موجب زبردست مھر تازو ھڪ وڏي آئيس فيڪٽري ٺاهي آهي جنهن جي پلاٽ جي انڪوائري ھلندڙ آهي زبردست مھر اويس قادر شاھ جي تمام ويجهن ساٿين ۾ شامل آهي. زبردست مهر جي علي واهڻ ۾ به ڪافي پراپرٽي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو