اهڙا بل آندا ويا آهن جو ملڪ جو ڪو بہ شهري محفوظ ناهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي پريس سيڪريٽري ڪاشف ملاح، مرڪزي اڳواڻ عمراہ سمون ۽ علي محمد ڪلمتي پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي تہ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي اتحادي حڪومت ملڪ دشمني ۾ جنرل ايوب، يحيي، ضياءَ ۽ مشرف جھڙن بدترين آمرن کي بہ پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. هڪڙي ڏينهن اندر پارليامينٽ مان 29 بل پاس ڪري قانونسازي جي عمل کي غير موثر بڻايو ويو آهي. پي ڊي ايم جي حُڪومت ھن وقت جيڪي آئين ۾ ترميمون ڪري تڙ تڪڙ ۾ پارليامينٽ مان بل پاس پئي ڪرائي ان جا ملڪ جي سياست سميت بنيادي انساني حقن تي منفي اثر پوندا ۽ اڳتي ھلي انھن ئي سياستدانن جي خلاف انھن پاس ڪيل بلن جي بنياد تي ڪارروائيون ڪيون وينديون. پي ڊي ايم جي حڪومت پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ بڻائي ڇڏيو آهي. وڌيڪ بدترين صورتحال اھا آھي جو حزب اختلاف صرف نالي ماتر آھي. قانونسازي سنجيدہ ۽ حساس معاملو آهي پر اسيمبلين ۾ ويٺل وڏيرن کي سندن مفاد عزيز آهن. اڳواڻن چيو آهي تہ بنا جواز جي ڪنھن بہ ماڻھو کي حراست ۾ ۾ وٺڻ جو ادارن کي اختيار ڏيڻ وارو بل گڏيل قومن جي جي انساني حقن بابت چارٽر جي ڀڃڪڙي آهي. پاڪستان ان چارٽر تي صحيح ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي پر انھن عالمي قانونن جي سرعام توهين ڪئي پئي وڃي. “پارليامينٽ جي توهين واري بل”، اظهار جي آزادي تي راتاهو هڻندڙ “پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن بل” ۽ “اي سيفٽي” بل سميت عوام جي بنيادي انساني حقن ۽ اظهار جي آزادي کي ڪچليندڙ بلن جي مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي تہ حڪمران پارليامينٽ کي پنھنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. پارليامينٽ جي توهين وارو بل عوام کان اظهار جي آزادي جو حق کسڻ جو غير آئيني عمل آهي. پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل A19 هر شهري کي اظهار جي آزادي جو حق ڏيئي ٿو. اسيمبلي ميمبرن عوام جي ان بنيادي حق تي راتاهو هنيو آهي. اڳواڻن چيو تہ پاڪستان جي پارليامينٽ وڏيرن، چوڌرين ۽ جاگيردارن جي قبضي هيٺ آهي. اهي جاگيردار عوام جي مفادن بدران اسٽيبلشمينٽ جي مفادن وٽان ڪم ڪري رهيا آهن. پاڪستان جي آئين جي انحرافي تي مشتمل اهي سمورا بل واپس ورتا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو