انڪم سپورٽ پروگرام، عورتن جي ٿيندڙ تذليل

عبدالفتاح عباسي
ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب جتي هر ٻيو ماڻه شديد ذهني پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي اتي عام غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجال بڻيل آهي. پياري پاڪستان جي وفاقي حڪومت غربت جي خاتمي لاءِ جتي ٻيا وڏا اعلان ڪيا آهن اتي وفاقي سرڪار اهو پڻ اعلان ڪيو آهي ته ملڪ جي غريب، مسڪين، لاوارث، بي سهارا، بيواه، لاچار، معذور عورتن جي ڪفالت ڪرڻ لاءِ انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ ساڍا چار سئو ارب رپيا رکيا ويا آهن، حيرت جي اها ڳالهه آهي ته هن ملڪ ۾ جيڪڏهن انهن ساڍا چار سئو ارب روپين جي ماليت جون فيڪٽريون، ڪارخانا، ملون، انڊسٽريز پلان جوڙي روزگار عورتن کي ڏنو وڃي ها ته ڪيترن هزارين خاندانن جي بهتر انداز ۾ ساڙ سنڀال ٿي سگهي ها. باقي نه ته انڪم سپورٽ پروگرام جي دفترن، آفيسن، بئنڪن وغيره تي اهڙي قهر جهڙي گرمي ۾ لاوارث، بي سهارا، يتيم، بيواهه عورتن جي انتهائي تذليل پنهنجي جاءِ تي پر سخت گرمي ۾ معصوم گلن جهڙن ٻارڙن جو موت تڙپي تڙپي فوت ٿيڻ ۽ ويچارين مسڪين عورتن جو گرمي جي رش، پيهه، ٻوساٽيل ماحول ۾ زندگي کان موڪلائڻ ڏکائيندڙ آهي. پهرين ڳالهه ته انڪم سپورٽ پروگرام بند ڪيو وڃي ۽ انهي جي جاء تي غريب عورتن کي گهرن ۾ سلائي مشينون ڏئي ۽ ٽوال، هٿ جا رومال ٺاهڻ، سميت ٻيون ننڍيون ملون، ڪارخانا، فيڪٽريون ٺاهي ڏنيون وڃن ته اهي روزگار ملڻ سان پينو فقير نه ٿيندا ۽ انهن جي جيڪا پئسا وٺندي سخت گرميءَ ۾ تذليل روزبروز ٿيندي رهي ٿي اها نه ٿيندي، ٻيو ته هن حڪمرانن کي سمجهائي ٻڌائي ته انڪم سپورٽ پروگرام جي مد ۾ مليل ورلڊ بئنڪ، ايشين بئنڪ، يورپين بئنڪ، مختلف ملڪن کان ملندڙ اربن کربن روپين جي ڪرپشن کي سمجهي سگهندو. هن جو ته پڇاڻو ئي ناهي نه، جيڪڏهن مختلف ملڪن جا ڊونرز به سنڌ ۾ انڪم سپورٽ پروگرام جي مد ۾ مليل رقم جي عيوض معصوم ٻارڙن جون حياتيون ڳڙڪائڻ ۽ رش پيهه عورتن جو موت جي منهن ۾ وڃڻ ڏسڻ ته شايد انهن کي نه صرف ڪھل رحم انسانيت تي ايندو پر اهڙي موتمار انڪم سپورٽ پروگرام کي هميشه جي لاءِ ختم ڪري اهي ٻاهرين ملڪن جا انسان دوست امدادي مد ۾ اربين رپيا خرچ ڪرڻ بجاءِ آهي اهي سنڌ ۾ فيڪٽريون ڪارخانا لڳائن. پوري دنيا جي اندر ائين ڪٿي به ناهي ته امداد ڏيڻ جي بهاني باشعور قوم جي نياڻين ڀينرن کي روڊن رستن آفيسن ۾ پينو فقيرن جيان لٺيون سوٽيون ڌڙڪا دهمان عورتن کي هڻي انهن کي ڪجهه پئسن عيوض موت جي منهن ۾ ڦٽو ڪيو وڃي ٿو، خدارا سنڌ اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي ۾ ويٺل نمائندا پنهنجي قوم جي نياڻين جي اهڙي ٿيندڙ تذليل تي آواز اٿارين. جيڪڏهن واقعي وزير اعظم شهباز شريف ۽ ان جي ساٿين کي قوم جي غريب عورتن جو ايڏو درد آهي ته پوءِ اهي خاص ڪري فيڪٽريون ڪارخانا، انڊسٽريز لڳائن، جهڙي طرح بنگلاديش ۾ هن وقت فيڪترين جو ڄار وڇايل آهي. باقي غربت اهڙي طرح ڪڏهن به نٿي گهٽجي سگهي هن عمل سان پينو فقيرن جي فوج ۾ واڌارو ٿيندو. قوم جي نياڻين کي پنڻ سيکارڻ بجاءِ هنر، سکيا، تربيت ڏيئي بهترين شهري بڻايو وڃي. نه ته خدا نه ڪري ڪجهه سالن ۾ پنهنجي قوم سڄي دنيا ۾ اڃا وڌيڪ پينو فقيرن طور مشهور ٿيندي قوم جو تشخص وڃائجي سگهي ٿو. سنڌ جي عورتن کي غربت جي سزا طور پينو فقير ه بڻايو وڃي. غريب لاوارث، لاچار، بيواهه، يتيم، مسڪين عورتن جي جيڪڏهن واقعي حڪومت پاڪستان سنجيده ۽ عملي طور تي ڪا مدد هليپ ڪرڻ ۽ واهر سار سنڀال ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ خدارا انهن غريب عورتن کي پنڻ رلڻ آفيسن دفترن پوليس جي لٺين جي وسڪاري کان بچائڻ لاءِ ڪي عملي قدم کنيا وڃن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهڙي طرح غريب مسڪين عورتن کي اهڙي ڪم ڪوس جي عادت وڌي وئي ته هي ڪم ڪار کان به ناڪاره بڻجي سگهن ٿيون ۽ هڪ ٻئي اهم ڳالهه ته سنڌ جا باعيرت باضمير ماڻهو نياڻين بچڻ ٻارن کي گهر مان ٻاهر ناهن ڪڍندا پر بدقسمتي سان هن انڪم سپورٽ پروگرام جي لعنت چڱن مڙسن جو حال بحال ڪري ڇڏيو آهي، مڇون وٺيندڙ چڱن ڀلن گهرن جون عورتون به غريبن، مسڪينن، محتاج، لاوارث، يتيم ۽ بي سهارا مسڪين عورتن جي مد ۾ ملندڙ رقم تي ڌاڙو هڻڻ لاءِ صبح کان رات تائين يا وري رات کان منجهند شام تائين عورتن کي گهر مان ڪڍي ڌڪن ڌاٻن ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. حيرت جي ڳالهه آهي ته هي انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم وٺڻ ناهي پر ذليل ڪرڻ جهڙو ڪڌو عمل ورجايو پيو وڃي. دنيا ۾ اهڙي حالت سوڊانن، آفريقن، برمين، بهارين، افغانين بلڪ ڪنهن به ملڪ ۾ ڪنهن مهذب معاشري ۾ ائين نه ٿيندو آهي. غريب بي سهارا عورتن جي واهر ۽ انهن جو تحفظ ڪرڻو اٿو ته پوءِ انهن لاءِ روزگار جا ذريعا کوليو، فيڪٽريون، ڪارخانا، ملون، انڊسٽريز ڪاروبار جا ذريعا کوليا وڃن باقي هي ٽوپي پڪڙڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي هن سان سماج ۾ پينو فقيرن جي هڪ غلام قوم تيار ڪرڻ جي ريهرسل ٺهڻ پئي وڃي ۽ انهيءَ سان انهن. عورتن جا معصوم ٻارڙا ننڍي لاءِ کان ئي غلامي جي تصور ۾ اچي صلاحيتن کان محروم بڻجي سگهن ٿا. پنهنجي قوم کي بيدار، سجاڳ، باهمت قوم هجڻ لاءِ پنڻ بجاءِ حلال رزق جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي. الڪاسب حبيب الله.. پورهيو ڪندڙ الله جو دوست آهي. باقي هڏ حرام ڪنهن کي ڪرڻ واري روايت تمام ڀيانڪ ۽ خطرناڪ آهي. خدا پاڪ اسان جي حڪمرانن کي سمجهه عقل ڏي ته آهي اهي سڀ کان اڳ ۾ غريب عورتن جي لاءِ فيڪٽريون بنگلاديش جي غريب عورتن وانگر هتي به ڪارخانا، فيڪٽريون لڳايون وڃن. نمبر ٻي ڳالهه ته انڪم سپورٽ پروگرام جي هلائڻ سان ۽ ساڍا چار سئو ارب رپين جي ملڪي ناڻي تي وڏو بار وجهندڙ حڪمرانن کي کپي ته اهي بنا دير جي حقيقي معني ۾ غريب عورتن جي واهر ڪرڻ لاءِ ٻين سڌريل ملڪن جي غريب عورتن جيان جوڳا قدم کنيا وڃن. پاڻ کي زنده قوم جيان جيڻو پوندو. خود دار باوقار قوم جيان زندهه رهڻ ۾ قومي جياپو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو