مانجهند (رپورٽ مهراڻ يوسف عمراڻي) اڪرو ٽول پلازه انڊس ها۽ وي خان پئٽرول پمپ وٽ ڪراچي کان لاڙڪاڻو طرف ويندڙ ڪوچ ۽ سيوهڻ کان ڄامشورو ويندڙ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪار۾ سوار ھڪ ئي گھر جا 5 ڀاتين سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
![](https://dailysindhyar.com/wp-content/uploads/2019/05/solangi-accident.jpg)
زخمين ۾ ڌڻي بخش سولنگي سندس گھر واري ماروي سولنگي سندس محصوم ڌيئرون ھير، جيھا، ثمينه ۽ سندن ڊرائيور صدام برھماڻي شامل آھن. جن کي مقامي ماڻھن لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيوپوليس ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ن ٿي سگهيو هو.