انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر جا اگهه گهٽجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪيترن ئي ڏينهن جي بلندي کانپوءِ اڄ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي شروع ٿي وئي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 27 پئسا سستو ٿيڻ بعد ڊالر 288 رپيا 25 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 288 رپيا 52 پئسا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات مثبت آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 246 پوائنٽن جي واڌ سان 46 هزار 663 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 46,417 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو