انساني تاريخ جو عظيم فلسفي،انقلابي،ڪارل مارڪس

ڪامريڊ لينن \ طفيل.مگسي
انسان ذات جي اڄوڪي سماجي، اقتصادي، سياسي، فڪري ۽ روحاني اؤسر جي سموري سفر ۾ جيتوڻيڪ انسان جي لڳاتار اجتماعي، جسماني ۽ ذهني پورهئي جو بنيادي عمل دخل رهيو آهي، پر ان جي باوجود تاريخ جي انيڪ عظيم فردن جي غير معمولي ڪردار کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. ڪجهه معاملن ۾ ته انساني تهذيب توڙي فڪر جي تاريخ شايد اهڙن غير معمولي فردن (سائنسدانن، فلسفين، شاعرن، انقلابين، فنڪارن، اديبن، جنگي سورمن، قانوندانن وغيره) جي عجب ۾ وجهندڙ ڪارنامن کانسواءِ ڇال نه ڏئي سگهي ها. تاريخ جا سڀ بنيادي ۽ وڏا ڪارناما، جن انساني تهذيب جي سفر کي هن اڄوڪي اؤج تي رسايو آهي، اهڙن ئي فردن هٿان سرانجام ٿيا. جيتوڻيڪ انساني تهذيب جي تاريخ جو سفر ڏاڍو گهڻ رُخو آهي. يعني اهو سماجي، ثقافتي، سياسي ۽ اقتصادي به آهي ته ساڳئي وقت جسماني، روحاني ۽ فڪري به آهي پر جيڪڏهن پنهنجي ڪُليت ۾ ان جو بنيادي محرڪ ڳولبو ته اهو ان جي بنيادي عنصر طور فقط ۽ فقط انسان جو شعور ۽ پورهيو ئي آهي. ان ڪري انساني تهذيب جي همه گير سفر جي حوالي سان، ان جي فڪري اؤسر ۽ پورهيي کي ٻين شعبن جي ڀيٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ اهم ۽ مٿانهون لقاءُ سمجهيو ويندو آهي. انساني شعور ۽ فڪر جي تاريخ به زندگيءَ جي ٻين شعبن جيان ارتقا جي نارمل ۽ سنئين سڌي دڳ تان نه گذري آهي. ان جو سفر به ڪڏهن تمام سُست، ڪڏهن رسمي ۽ رواجي رفتار سان، ڪڏهن بنهه ڍرو ته ڪڏهن غير معمولي طور تيزيءَ سان وڏا ڇال ڏئي اڳتي وڌيو آهي. ڪارل مارڪس به انسان جي فڪري تاريخ جو اهو عظيم ترين مفڪر ۽ انقلابي رهنما آهي، جنهن جي فڪري مهانتا کي تاريخ جا وقتي لاها چاڙها لوڏي نٿا سگهن. هتي ڪارل مارڪس جي زندگيءَ بابت ويهين صديءَ جي هڪ ٻئي عظيم مفڪر ۽ انقلابي ڪامريڊ لينن جو اهو مضمون ڏجي ٿو، جيڪو ڪتاب “MARX AND ENGLES, THROUGH THE EYES OF THEIR CONTEMPORARIES” (ماڪرس ۽ اينگلز پنهنجن هم عصرن جي نظرن ۾) تان کڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي.-جامي)
ڪارل مارڪس پنجين مئي 1818ع تي ترير شهر (رائن درياهه جي ڪناري واري پروشيا) ۾ پيدا ٿيو. مارڪس جو پيءُ هڪ يهودي وڪيل هو، جنهن 1824ع ۾ مسيحي فرقي پروٽسٽنٽ جو مذهب قبول ڪيو هو. سندس گهراڻو خوشحال ۽ مهذب ضرور هو پر انقلابي نه هو. ترير ۾ جمنازيم جي تعليم کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ مارڪس يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. پهرين بون ۽ پوءِ برلن يونيورسٽيءَ ۾ اُتي هن قانون جي تعليم حاصل ڪئي ۽ خاص طور تي تاريخ ۽ فلسفي جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو. 1841ع تائين هن جي باقاعده شاگرديءَ واري زندگي آخري منزل کي پهتي ۽ هن ايپي ڪيورس جي فلسفي تي پنهنجو تحقيقي مقالو ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ پيش ڪري ڇڏيو. خيال جي لحاظ کان فڪري طور هو ان وقت تائين جرمن فلسفي هيگل جي عيني “آئيڊيلسٽ” نظريي کي مڃيندو هو. برلن ۾ هن جو حلقو “هيگل جي کاٻيءَ ڌر وارن حامين” جو هو، مثلن برونو باؤير وغيره. انهن ماڻهن جي ڪوشش اها هوندي هئي ته هيگل جي فلسفي مان لامذهبيت جا ويچار ۽ انقلابي نتيجا اخذ ڪن.

يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد مارڪس بون شهر اچي ويو، جتي هن جو ارادو پروفيسر ٿيڻ جو هو، پر هتي کيس محسوس ٿيو ته حڪومت جي پاليسي سخت رجعت پرست آهي. حڪومت جڏهن فلسفيءَ لوڊوگ فائر باخ کي 1832ع ۾ يونيورسٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيو ۽ 1836ع ۾ کيس يونيورسٽيءَ ۾ واپس اچڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ 1841ع ۾ نوجوان پروفيسر برونو باؤير جي بون يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏيڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي ته اهو سڀ ڏسي مارڪس هڪ استاد واري زندگي گذارڻ جو ارادو ختم ڪري ڇڏيو. هيءَ اُن زماني جي ڳالهه آهي جڏهن جرمنيءَ ۾ هيگل جي کاٻي ڌر وارن حامين جا ويچار تيزيءَ سان پکڙجي رهيا هئا. فائر باخ 1836ع ۾ ۽ ان کان پوءِ خاص طور تي مذهبن تي کُليل تنقيد شروع ڪئي ۽ هو ماديت جي نظريي طرف راغب ٿيڻ لڳو. جيڪو اڳتي هلي 1841ع ۾ فائر باخ جي فلسفي تي حاوي ٿي ويو. ان ڏس ۾ “مسيحيت جي اصليت” سندس مشهور ڪتاب آهي. وري 1843ع ۾ سندس ڪتاب “مستقبل جي فلسفي جا اُصول” پڌرو ٿيو. انهن ڪتابن جي باري ۾ اينگلز اڳتي هلي لکيو ته انهن ڪتابن ۾ نجات ڏياريندڙ گهرو اثر آهي، ان جو تجربو هر هڪ کي ضرور ٿيندو. انهن ڏينهن ۾ رائنتي علائقي جي ريڊيڪل بورجوا ماڻهن، جن کي هيگل جي پُرجوش حامين سان ڪٿي ڪٿي اتفاق هو، ڪولون شهر مان هڪ مزاحمتي رسالو ڪڍيو. مارڪس ۽ برونو بائر ٻنهي کي دعوت ڏني وئي ته اهي به ان رسالي لاءِ لکندا رهن. آڪٽوبر 1842ع ۾ ڪارل مارڪس ان اخبار جو چيف ايڊيٽر ٿي ويو ۽ بون شهر مان ڪولون هليو آيو. مارڪس جي ايڊيٽريءَ ۾ ان اخبار جو انقلابي جمهوري رنگ ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو. پهرين ته حڪومت ان اخبار تي ٻيڻي ٽيڻي سنسرشپ لڳائي ۽ پوءِ پهرين جنوري 1843ع تي فيصلو ٿيو ته اخبار کي مڪمل طور بند ڪري ڇڏجي. انهيءَ زماني ۾ مارڪس کي مجبور ٿي ايڊيٽريءَ تان استعيفا ڏيڻي پئي پر اخبار جي بچاءَ جي صورت وري به نڪري نه سگهي ۽ نيٺ 1843ع ۾ هيءَ اخبار بلڪل ويهي رهي. مارڪس هن اخبار ۾ ڪيترائي خاص اهم مضمون لکيا، انهن اخباري سرگرمين مارڪس تي واضح ڪيو ته سياسي معاشيات جي باري ۾ هن جي ڄاڻ ڪافي نه هئي، نتيجي ۾ هو ان مضمون جي گهري مطالعي ۾ مصروف ٿي ويو.
مارڪس 1843ع ۾ ڪروز ناخ شهر ۾ جيني ويسٽ نالي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. ٻئي ننڍپڻ جا دوست هئا ۽ شاگرديءَ واري زماني ۾ ئي سندن شادي طئي ٿي چڪي هئي. مارڪس جي زال پروشيا جي اعليٰ گهراڻي مان هڪ رجعت پرست خاندان جي ڇوڪري هئي. سندس وڏو ڀاءُ 1858-1850ع جي نهايت رجعت پسند دؤر ۾ پروشيا جو وزير داخلا رهي چڪو هو. 1843ع جي سَرءُ ۾ مارڪس پيرس ويو ته جيئن اُتان هڪ ريڊيڪل رسالو ڪڍي سگهي. مارڪس سان گڏ آرنلڊ روگي به هو (جيڪو 1802ع ۾ پيدا ٿيو، هو به هيگل جو پُرجوش حامي هو. 1825ع کان 1830ع تائين جيل ۾ رهيو. 1848ع کان پوءِ سياسي طور جلاوطن قرار ڏنو ويو ۽ 1866ع کان 1870ع تائين بسمارڪ جو حامي رهيو ۽ نيٺ 1880ع ۾ مري ويو) ان رسالي جو صرف هڪ ئي پرچو شايع ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته جرمنيءَ ۾ ڳُجهي نموني اخبار جي وڪري جي ڏکيائين ۽ آرنلڊ سان اختلافن سبب رسالي جي اشاعت ممڪن نه رهي.

ان رسالي ۾ مارڪس جيڪي مضمون لکيا، هو انهن ۾ هڪ پختو انقلابي نظر اچي ٿو. هو هر هنڌ زور ڀري ٿو ته هر شيءِ تي بي خوفيءَ سان ۽ ڇتي تنقيد ٿيڻ گهرجي ۽ انهن ۾ ئي مارڪس عوام توڙي پورهيتن کي جدوجهد جي اپيل ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي.

سيپٽمبر 1844ع ۾ فريڊرڪ اينگلز (مارڪس جو هم عصر عظيم فلسفي) ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پيرس آيو هو. ان کانپوءِ هو مارڪس جو بهترين ۽ جگري دوست بڻجي ويو. انهن ڏينهن ۾ پيرس ۾ انقلابي ٽولين جي زندگي اندر ئي اندر اُڀامي رهي هئي. مارڪس ۽ اينگلز ٻنهي ان ۾ حصو ورتو. هنن ٻنهي وڏي مڙسيءَ سان وچين طبقي جي سوشلزم جي مختلف نظرين سان جنگ ڪئي ۽ پورهيت طبقي جي تاريخي انقلابي ڪردار کي اجاگر ڪيو، جيڪو نئين غيرطبقاتي سماج جو خالق آهي.

جڏهن فيبروري 1848ع جو انقلاب شروع ٿيو ته مارڪس کي بيلجيم مان به ڪڍيو ويو. هو وري پيرس آيو. هتي مارچ جي انقلاب کانپوءِ هو جرمنيءَ جي ڪولون شهر هليو آيو. ڪولون مان پهرين جون 1848ع تي هن هڪ نقشو تيار ڪيو، جيڪو انقلابي پرولتاري سوشلزم يا ڪميونزم “مارڪسزم” جو نظريو هو. هنن گڏجي ان کي هڪ شڪل ڏني. ان ڏس ۾ مارڪس جون اُن زماني جون تحريرون ڏسي سگهجن ٿيون. 1845ع ۾ پروشيا جي حڪومت جي لڳاتار اصرار تي مارڪس کي پيرس مان ان الزام تحت ڪڍيو ويو ته هو هڪ خطرناڪ انقلابي آهي. پيرس مان جلاوطن ٿي هو بروسلز شهر هليو ويو. 1847ع جي موسم بهار ۾ مارڪس ۽ اينگلز ٻنهي هڪ خفيه پروپيگنڊا سوسائٽيءَ ۾ شرڪت ڪئي. سوسائٽيءَ جو نالو “ڪميونسٽ ليگ” هو. جڏهن لنڊن ۾ نومبر 1847ع ۾ “ڪميونسٽ ليگ” جي ٻي ڪانگريس ٿي ته هنن ٻنهي ان ۾ نمايان حصو ورتو. ان ئي سوسائٽيءَ جي چوڻ تي هنن جڳ مشهور ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميني فيسٽو تيار ڪيو، جيڪو فيبروري 1848ع ۾ شايع ٿي سامهون آيو. اهو ميني فيسٽو نهايت وضاحت ۽ ڪمال ذهانت سان دنيا جي هڪ تصور جو خاڪو پيش ڪري ٿو ۽ نهايت مربوط ۽ باضابطه ماديت جي نظريي جو ڏس ڏئي ٿو. اهڙو نظريو جنهن جي دائري ۾ سڄي سماجي زندگي اچي وڃي ٿي، جدليات اچي وڃي ٿي، جيڪو ڪائنات جي اؤسر جو نهايت گهرو ۽ جامع تصور آهي.

اهو نظريو جيڪو طبقاتي جدوجهد جو نظريو هو، جنهن لاءِ هڪ نئين اخبار جاري ڪيائين، جنهن جو مارڪس چيف ايڊيٽر هو. اها اخبار 19 مئي 1849ع تائين نڪتي. 1948ع تائين جي انقلابي واقعن نئين نظريي جي ڏاڍي روشن طريقي سان عملي تصديق ڪري ڇڏي ۽ اها تصديق ان کان پوءِ دنيا جي تمام ملڪن جي پورهيت جمهوري تحريڪ هميشه ڪندي رهي آهي. انقلاب جي ويرين کي سوڀ ٿي ته هنن نڪرڻ شرط مارڪس جي خلاف عدالتي ڪارروائي ڪئي ۽ پوءِ کيس جرمنيءَ مان جلاوطن ڪيو ويو. مارڪس هن دفعي وري جلاوطن ٿي سڌو پيرس پهتو پر جڏهن 13 جون 1848ع وارو مظاهرو ٿيو ته کيس وري پيرس مان ڪڍيو ويو. اُتان ڀڄي هو لنڊن پهتو. پوءِ مارڪس پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين لنڊن ۾ ئي رهيو.

سياسي جلاوطن جي حيثيت ۾ مارڪس جي حياتي وڏين مصيبتن جي زندگي هئي. مارڪس ۽ اينگلز جي وچ ۾ ان دوران خط و ڪتابت جيڪا 1913ع ۾ شايع ٿي، ٿيندي رهي. ان مان اهو صاف طور واضح آهي ته مارڪس ۽ هن جي خاندان کي سخت غربت ۽ مفلسيءَ جا ڏينهن ڏسڻا پيا. جيڪڏهن اينگلز مسلسل قرباني ڪري مارڪس جي مدد نه ڪندو رهي ها ته مارڪس پنهنجي عظيم تصنيف “سرمائي” (CAPITAL) تي ڇا ڪم ڪري سگهي ها، پر پاڻ بک ۽ بدحاليءَ جي هٿان ختم ٿي وڃي ها. هڪ طرف اهي حالتون هيون، ٻئي طرف ننڍي ۽ ڳيجهو سرمائيدار طبقي جا رجحان ۽ اهڙا نظريا جيڪي بلڪل غير پورهيت سوشلزم جي خيالن ۽ مفادن جا آئينه دار هئا، هر طرف ڇانيل هئا. انهن مارڪس کي مجبور ڪيو ته هو انهن نظرين سان لڳاتار ۽ بي خوف جنگ جوٽي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته کيس نهايت بي شرم، گندن ۽ ذاتي حملن جا جواب ڏيڻا پيا. سياسي جلاوطنن جي حلقي کان لاتعلق ٿي، مارڪس ڪيترين تاريخي تصنيفن کي پنهنجي ماديت جا نظرياتي بنياد ڏنا ۽ پنهنجين سمورين ڪوششن کي سياسي معاشيات جي مطالعي لاءِ گهڻي حد تائين وقف ڪري ڇڏيو. مارڪس هن علم جي پوريءَ ڪائنات ۾ “سياسي معاشيات جي تنقيد” 1859ع ۽ “سرمائي” جهڙو ڪتاب لکي فڪري طور وڏو انقلاب برپا ڪري ڇڏيو.

19هين صديءَ جي ڇهين ڏهاڪي جي آخر ۽ ستين ڏهاڪي جي زماني ۾ جمهوري تحريڪن ۾ جيڪا ٻيهر جان پئي ته مارڪس کي وري عملي سرگرمين جو سڏ ٿيو. 28 سيپٽمبر 1864ع ۾ لنڊن ۾ “پورهيتن جي عالمي ايسوسيئيشن” قائم ڪئي وئي، جيڪا “پهرين انٽرنيشنل” جي نالي سان مشهور آهي. مارڪس ان تنظيم جو روح روان بڻجي ويو. ان جي پهرين اپيل به مارڪس تيار ڪئي ۽ نه ڄاڻ ته ڪيترائي اعلان ۽ تجويزون مارڪس جي قلم ئي تحرير ڪيا. مختلف ملڪن جي مزدور تحريڪن ۾ ٻَڌي پيدا ڪري ۽ ان جي زبردست ڪوشش ڪري، مارڪسي نظريي کان اڳ جي غير پورهيت سوشلزم کي مڃيندڙ مختلف صورتن کي گڏي، سرگرمين جو هڪ ئي رخ اختيار ڪيو وڃي. خاص طور تي هن مختلف ملڪن جي مزدور طبقي جي انقلابي جدوجهد لاءِ هڪ متناسب ۽ سڌي حڪمت عملي اختيار ڪئي. مارڪسي نظريي کان اڳ غير پورهيت سوشلزم جون صورتون هينئن هيون.

مثلن ماتسيني، پروڌان ۽ ميخائل باڪونن جا نظريا، انگلينڊ جي لبرل ٽريڊ يونين تحريڪ، جرمنيءَ جي لاسال واري تحريڪ جيڪا ساڄيءَ ڌر ڏانهن وڌيڪ مائل هئي وغيره. 1817ع ۾ جڏهن پيرس ڪميون ختم ٿي ويو ته مارڪس هن واقعي جو گهرو، واضح، روشن، اثرائتو ۽ انقلابي تجزيو ڪيو ۽ ان کان پوءِ باڪونن جي مڃيندڙن جي هٿان پهرين انٽرنيشنل جا ٽڪر ٿي ويا ۽ يورپ ۾ هن جماعت جو باقي رهڻ ممڪن نه رهيو. هيگ ۾ پهرين انٽرنيشنل جي ڪانگريس 1872ع ۾ ٿي ته مارڪس ان جي جنرل ڪائونسل کي يورپ مان نيويارڪ منتقل ڪرائي ڇڏيو. پهرين انٽرنيشنل پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪري ڇڏيو هو ۽ هڪ اهڙي دؤر جي راهه هموار ڪري ڇڏي هئي، جنهن ۾ سڄيءَ دنيا جي مزدور تحريڪ وڌي ۽ ويجهي سگهي. هڪ اهڙو دؤر آيو جڏهن تحريڪ وسيع ٿي ۽ الڳ الڳ قومي رياستن ۽ عوام ۾ سوشلسٽ مزدور پارٽيون وجود ۾ آيون.

“انٽرنيشنل” لاءِ ڏينهن رات محنت ۽ ان کان به وڌيڪ فڪري مصروفيتن مارڪس جي صحت کي جهوري وڌو. سياسي معاشيات کي صحيح شڪل ڏيڻ لاءِ ۽ پنهنجي تصنيف “سرمائي” کي پورو ڪرڻ لاءِ هن بي انتها محنت ڪئي. ڪيتريون زبانون سکيون، جيئن روسي وغيره. هن ايترو ڪم ڪيو جو سندس صحت ڏينهون ڏينهن ڪِرڻ لڳي ۽ نيٺ هو پنهنجي تصنيف “سرمائي” کي به مڪمل نه ڪري سگهيو.
2 ڊسمبر 1881ع تي سندس زال جيني وفات ڪري وئي ۽ 14 مارچ 1883ع تي مارڪس به پنهنجي آرام ڪرسيءَ تي هميشه لاءِ آرامي ٿي ويو. “دنيا جي هن عظيم فلسفي ۽ انقلابي” مارڪس کي به لنڊن جي هاءِ گيٽ قبرستان ۾ سندس زال جي ڀرسان دفنايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو