انسانيت سوز واقعو، پيءُ پٽ کي ڏنڊا هڻي قتل ڪري ڇڏيو

خيرپورناٿن شاھ (ن س)ڪي اين شاھ لڳ ڳوٺ جواڻ جي رهواسي 18 سالا نوجوان ذوالفقار لانڊر ولد گل حسن لانڊر کي مبينا طور تي پنھنجي پيء رسن سان ٻڌي ڏنڊا هڻي بي رحميء سان قتل ڪري ڇڏيو ، تفصيل موجب ڪي اين شاھ لڳ ڳوٺ جواڻ جو رهواسي 18 سالا نوجوان ذوالفقار لانڊر ولد گل حسن لانڊر کي مبينا طور تي پنھنجي پيء رسن سان ٻڌي ڏنڊا هڻي بي رحميء سان قتل ڪري ڇڏيو مقتول نوجوان ذوالفقار لانڊر جي ڀاء ارشاد احمد لانڊر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان ڪراچي جي علائقي نادرا باء پاس تي رهندا آھيون اتي پاڙي وارن جي ڍڳي چوري ٿي وئي هئي ۽ انھن چوري جو اسان تي الزام لڳايو ۽ انھن منھنجي ڀاء مقتول ذوالفقار کي پڪڙي کائنس زبردستي چوري جو اقرار ڪرايو جنھن تي منھنجي ڀاء خوفزده ٿي انھن کي چيو ته ڍڳي چوري ۾ آئون نه پر منھنجو والد گل حسن ملوث آھي اها خبر جڏهن اسان جي والد گل حسن کي پئي ته اهو جذبات ۾ اچي ويو ۽ ذوالفقار کي گھر اندر رسن سان ٻڌي ڏنڊن سان مٿس سخت تشدد ڪري کيس بي رحمي سان قتل ڪرڻ بعد اتان فرار ٿي ويو آھي جڏهن ته قتل ٿيل نوجوان جي لاش کي سندس امڙ کڻائي ڪي اين شاھ لڳ پنھنجي ڳوٺ جواڻ آندو جتي کيس اباڻي قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو ٻئي پاسي ان واقعي بعد ڳوٺ ۾ ماحول سوڳوار بڻيل آھي

پهنجو تبصرو موڪليو