انتها پسندن جي نشاني تي آهيان، سيڪورٽي واپس ڪريو،جتوئي

شڪارپور(ڪاشف نواز ٻرڙو) ايس ايس پي شڪارپور ساجد امير صدوزئي پاران سيڪيورٽي واپس واپس وٺڻ تي اڳوڻي ايم اين اي ۽ اين پي پي اڳواڻ ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايس ايس پي شڪارپور ڪنهن جي هدايتن تي هن جي سيڪيورٽي واپس ورتي آهي، ايس ايس پي ان جي وضاحت ڪري. هن چيو ته مٿس ڪيترائي ڀيرا خود ڪش بم حملا ۽ کيس قتل ڪرڻ جون سازشيون  ٿي چڪيون آهن ان هوندي سيڪيورٽي واپس وٺڻ واري حڪم نامي حيران ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سندس زندگي کي انتها پسند قوتن کان خطرو رهيو آهي جنهن سبب ڪافي سالن کان سياسي سرگرميون به محدود ٿي چڪيون آهن پر سنڌ حڪومت پنهنجي ڪامورن کان هن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيل چند اهلڪار به واپس وٺي ڇڏيا آهن. هن چيو ته سندس لاءِ مقرر ڪيل سيڪيورٽي اهلڪارن کي هٽائڻ هن خلاف نا قابل برداشت سازش آهي جيڪڏهن هن کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار ايس ايس پي شڪارپور ۽ سنڌ حڪومت هوندي. هن سنڌ جي وڏي وزير کان گهر ڪئي ته سندس جلد کان جلد سيڪيورٽي واپس ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ھو ھاءِ ڪورٽ ۾ سيڪيورٽي لاء پٽيشن داخل ڪرائيندو. ھن وڌيڪ چيوته شڪارپور جو امن تباھ ٿي رھيو آھي جتي پوليس اھلڪار پاڻ ئي محفوظ نہ آھن،ھن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان گھر ڪئي تہ اغوا ڪيل ميراڻي برادري جي غريب پورھيتن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو