اميتاڀ پاران 50 ڪروڙ جي ماليت وارو ڌيءَ کي بنگلو جو تحفو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي بادشاهه اميتاڀ بچن ۽ اداڪارا جيا بچن ڌيءُ شويتا نندا کي پنهنجو شاندار بنگلو تحفي ۾ ڏنو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سپر اسٽار اميتاڀ بچن ۽ جيا بچن پنهنجي 49 ورهين جي ڌيءَ شويتا نندا بچن کي ممبئي جي پوش علائقي جوهو ۾ موجود 3 مان هڪ بنگلو ”پريتيڪشا“ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب ويٿل نگر ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ واقع پريڪشا جي قيمت ڀارتي ڪرنسي ۾ لڳ ڀڳ 50 ڪروڙ رپيا آهي.سپر اسٽار جوڙي جو هي بنگلو خانداني گهرن مان پهريون آهي ۽ 674 اسڪوائر ميٽرن ۽ 890.47 اسڪوائر ميٽرن جي 2 پلاٽن تي پکڙيل آهي.اميتاڀ بچن ۽ جيا بچن 1975ع ۾ رليز ٿيل فلم ’شعلي‘ جي زبردست ڪاميابي کانپوءِ جوهو جي علائقي ۾ پهريون بنگلو ’پريتيڪشا‘ خريد ڪيو هو.ٻئي اداڪار شروعات ۾ پرتيڪاشا ۾ رهائش پذير هئا،پريتيڪا‘ جو نالو سپر اسٽار جي پيءُ ۽ هڪ شاعر هو ۽ سندس ڪجهه شعرن ۾ ذڪر ٿيل آهي.شويتا بچن نندا هڪ ليکڪ، ڪالم نگار، اڳوڻي ماڊل ۽ بزنس وومين آهي، سندس بهترين وڪرو ٿيل ناول ’پيراڊائيز ٽاورز‘ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو