امريڪي نوجوانن ۾ سيڪس جو رجحان گهٽجي رهيو آهي: سروي

سين ڊياگو(م ڊ) امريڪا م ٿيل هڪ تازي سروي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بالغ ماڻهن ۾ سيڪس ڪرڻ جي خواهش 2008 جي ڀيٽ ۾ 2018 ۾ حيرت انگيز حد تائين گهٽ ٿي وئي آهي. “جنرل سوشل سروي” ۾ چيو ويو آهي ته امريڪي نوجوانن ۾ سيڪس جو قحط آهي 60 سالن جي عمر وارن جي 1996 ۾ ٿيل سروي ۾ جڏهن سوال پڇيو ويو ته هڪ سال ۾ اوهان سيڪس ڪيو ته جواب ۾ 18 سيڪڙو ماڻهن انڪار ڪيو هو ۽ 2018 ۾ هڪ سال ۾ سيڪس نه ڪرڻ وارن جي شرح 26 سيڪڙو ٿي وئي آهي. سڄي سال ۾ سيڪس نه ڪرڻ جي جواب ۾ 18 کان 29 سالن جي عمر وارن مردن جي شرح 28 سيڪڙو ۽ عورتن جي شرح 18 سيڪڙو آهي. يعني مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن ۾ سيڪس ڪرڻ جي شرح وڌيڪ آهي. سروي موجب 20 کان 30 سالن جي عمر وارن ۾ پارٽنر رکڻ جي شرح گهٽ آهي جڏهن ته 30 کان 40 سال عمر وارن ۾ شريڪ حيات رکڻ جي شرح وڌيڪ آهي. سين ڊياگو يونيورسٽي جي ماهر نفسيات جين وينج Jean Twenge جو چوڻ آهي ته گهٽ خشحالي ۽ بي روزگاري ان جو وڏو سبب آهن، هن چيو ته 18 کان 34 سالن وارن ماڻهن جي35 سيڪڙو تعداد والدين جي گهرن ۾ رهي ٿو. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جو به ان م عمل دخل آهي اڄڪلهه موبائل ويڊيو گيم وغيره سبب به نوجوان مصروف رهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو