امريڪا ٽن پاڪستاني آفيسرن تي ويزا پابندي مڙهي آهي، قريشي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) امريڪا ۾ غيرقانوني طور ترسيل پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي واري معاملي تي پاڪستان جي گهرو وزارت جي ٽن آفيسرن تي امريڪا ويزا جي پابندي هني سندن داخلا بند ڪري ڇڏي آهي. اهڙي ڄاڻ وزير خارجه شاهه محمود قريشي قومي اسمبلي جي پرڏيهي معاملن بابت قائمه ڪميٽي کي بريفنگ دورن ڏني. هن ٻڌايو ته گذريل 18 مهينن ۾ 100 کان وڌيڪ پاڪستانين کي امريڪا ويزا مدت کان وڌيڪ قيام ۽ ٻين سببن ڪري ملڪ بدر ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي 100 وڌيڪ پاڪستانين کي واپس موڪلڻ چاهي ٿو جنهن تي پاڪستان اعتراض ڪندي سندن دستاويزن جي تصديق جو مطالبو ڪيو جنهن تي گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڊي جي پاسپورٽ تي ويزا پابندي مڙهي وئي آهي. هن وضاحت ڪئي ته امريڪا عام پاڪستاني شهرين جي ويزا تي بندش ناهي وڌي. اڱاري تي ٿيل اجلاس ۾ هن امريڪا ۽ ايران ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ بابت چيو ته جيڪڏهن ڪجهه گڙ ٻڙ ٿي ته پوري خطي جي امن لاءِ اهو خطرو هوندو. امريڪا بي 52 بامبر، بحري ٻيڙو، پيٽرياٽ ميزائيل، ايئر فورس جا ايف 15 جهاز 7 هڪ لک ويهه هزار فوجي نار۾ گڏ ڪري رهيو آهي. ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته اها نفسياتي جنگ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو