امدادي ڪڻڪ نه ملڻ تي ڳوٺاڻن جو روينيو وارن خلاف احتجاج

ڪلوئي(غلام مصطفي نهڙيو) مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو روينيو انتظاميا جي زيادتين ۽ مفت امدادي ڪڻڪ نه ملڻ خلاف ملڪو لنڊ، اسد ساقي، ستار لنڊ، علي محمد ڀوت، نياز احمد هالو، اعظم نهڙيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڪلوئي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪلوئي جي مختيار ڪار آفيس ۽ اسٽنٽ ڪمشنر جي آفيسن کي هر وقت تالا لڳل هجن ٿا ۽ آفيس ۾ ويٺل اسٽاف هر ماڻهو کان رشوت طلب ڪري ٿو. هنن چيو ته سنڌ سرڪار پاران ٿر جي ڏڪار سٽيل ماڻهن لاءِ اماڻيل مفت امدادي ڪڻڪ ٽن قسطن مان صرف هڪ قسط ڪلوئي سٽي جي ماڻهن کي ڏني وئي آهي باقي مختلف ڳوٺن ڳوٺ همير آبائي، ستار آباد ،گرڙا ٻه ڪمهالو، ونگو بلوچ آباد سميت پوري تعلقي۾ هڪ لک ٽيهه هزار خاندانن ۾ هڪ داڻو به ناهي ورهايو ۽ اها ڪڻڪ سرڪاري اسڪول جي گدامن ۾ سڙي ختم ٿي رهي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ڪلوئي تعلقي جي ماڻهن جي لاءِ آيل امدادي ڪڻڪ رات جي پيٽ ۾ روينيو عملدار ڪڍي وڪرو ڪري رهيا آهن اسان ڪافي ڀيرا احتجاج ۽ دانهون ڪوڪون ڪيون آهن پر اسان جي دانهن ڪوڪون جو ڪير نوٽيس نٿو وٺي. هنن چيو ته اسان ڊي سي ٿرپارڪر، سيشن جج مٺي، نيب، ايف آءِ اي، اينٽي ڪرپشن کاتي کان مطالبو ٿا ڪيون ته آيل امدادي مفت واري ڪڻڪ ۽ ڪلوئي جي روينيو انتظاميا جي زيادتين جو نوٽيس وٺي غريب ماڻهن سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊي سي ٿرپارڪر شہزاد ٿهيم چيو ته امدادي ڪڻڪ گدامن ۾ خراب ناهي ٿيندي اسان گدامن ۾ پيل ڪڻڪ کي اسپري ڪرائي رهيا آهيون. هن امدادي ڪڻڪ نه ورهائڻ واري سوال تي هن چيو ته اسان مٿي لکيو آهي جئين اسان کي مفت ڪڻڪ جي ورهاست جوحڪم مليو ته اسان ڪڻڪ جي ورهاست جو عمل شروع ڪري ڇڏينداسون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو