امدادي ڪڻڪ جي تور ۾ ٺڳي خلاف احتجاج، پوليس جي لٺبازي

ڪلوئي (غلام مصطفي نهڙيو) سنڌ حڪومت پاران ڏڪاري حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مفت ڪڻڪ ڏيڻ واري اعلان کانپوءِ ڏيپلو گدام تي ڪڻڪ وٺڻ لاءِ آيل ٻهڙاڙي جي ڳوٺن جي ڏڪار سٽيل ماڻهن کي ڪڻڪ 50 ڪلو بدران 32 ڪلو ڏني وئي. ڏڪار متاثرين ۽ گدام انچارج ۾ تلخ ڪلامي ٿيڻ بعد ڏڪار متاثرين مٺي ڏيپلو روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن بعد ڏيپلو پوليس جي ايس ايڇ او حسين بخش راڄڙ ڳالهين کان بغير ڏنڊي جي زور تي روڊ خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڏڪار متاثرين ۽ پوليس ۾ جهيڙو ٿي پيو. ڏيپلو جي ايس ايڇ او متاثرين تي لٺبازي جو حڪم ڏنو ۽ پوليس مظاهرين تي وحشياڻو تشدد ڪيو. جنهن ۾ 7 ڏڪار متاثر فضل الله راهمون اصغر راهمون ممتاز راهمون ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا جھڙپ دوران ٻه پوليس اهلڪار اصغر ڍاٽي ۽ شمشاد سومرو پڻ زخمي ٿي پيا. پوليس اهلڪارن ڀڄي وڃي ڪورٽ ۾ جان بچائي جڏهن ته ڳالهين جي لاءِ آيل پيپلزپارٽي تعلقي ڏيپلو جو صدر محمد عيسي راهمون سان ايس ايڇ او حسين بخش راڄڙ پڻ بدڪلامي ڪندو رهيو اهڙي اطلاع بعد ايس ايس پي ٿرپارڪر عبدالله احمد يار نوٽيس وٺندي ڏيپلو پهتو، هن ڌرڻي واري جاءِ جو معائنو ڪيو. ٻئي طرف ڏڪار متاثرين محمد هاشم راهمون سليم راهمون روشن دين راهمون نبي بخش راهمون نظر محمد راهمون ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پاران ٿرپارڪر جي ڏڪار سٽيل ماڻهن جي لاءِ آيل ڪڻڪ جيڪا حڪومت طرفان هر خاندان کي پنجاھ ڪلو ملڻي آهي اها ڏيپلو جي گدام انچارج محمد امين نهڙيو 32 کان 35 ڪلو ڏئي رهيو آهي، شڪايت تي اسان سان بدڪلامي ڪئي ۽ اسان پنهنجو پر امن احتجاج رڪارڊ ڪرايو ته ايس ايڇ او حسين بخش راڄڙ بنا جواز پوليس پارٽي سان گڏجي اسان مٿان لٺ بازي ڪرائي وحشياڻو تشدد ڪرايو آهي هنن وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ايس ايڇ او حسين بخش راڄڙ جو چوڻ آهي ته اسان جي پوليس اهلڪارن سان جهيڙو ٿيو آهي ۽ ٻن اهلڪارن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿيا آهن ۽ انهي جي لاءِ ايس ايس پي ٿرپارڪر جاچ ڪاميٽي ٺاهي آهي. گدام انچارج محمد امين نهڙيو جو چوڻ هو ته اسان ڪڻڪ پوري ڏئي رهيا آهيون. مختيار ڪار عزيز جوڻيجو سان رابطو ڪيو پرهن ڪال اٽينڊ نه ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو