اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ نومبر ۾ چونڊون ٿينديون، چونڊون هڪ کان ٻه مهينا دير ٿي سگهن ٿيون.آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي خواجا آصف چيو ته 9 آگسٽ جي شام تائين اسيمبلي ٽوڙي ويندي، جنهن کانپوءِ آئين موجب 90 ڏينهن اندر چونڊون ٿيڻ گهرجن.هن چيو ته پاڪستان ۾ نومبر ۾ چونڊون ٿينديون، ڪجهه حالتن ۾ اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ هڪ کان ٻه مهينا مهلت ڏئي سگهي ٿي پر ان کان وڌيڪ چونڊن ۾ دير نه ٿي ڪري سگهجي.
