محمد انور ميمڻ
ھن ملڪ ۾ اونداھي ڪاري ڪڪرن جيان آھي، ھڪ طرف قدرتي مصيبتون ۽ ٻيون ھٿ وٺي پيدا ڪندڙن مسئلن جي ڪنھن تي بہ ڪا معيار ڪونھي! ھٿرادو پيدا ڪيل مصيبتن جي ڀرمار ڪئي پئي وڃي. جمھوريت جي رکوالي ڪندڙ ئي جمھوري عوام کي پنھنجي ھٿن سان لٽي، مارائي، ڦُرائي رھيا آھن. يا تہ ھن جو شايد پيدا ڪندڙ ڪونہ ڪو ھوندو، جو تباھ ٿيندڙن کي وڌيڪ ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي. 75 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي پر سنڌ جي ھر ضلعي، ھر تعلقي، ھر شھر ۽ ھر ڳوٺ کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي! ھڪ طرف ڀوتارن، ٻئي طرف آفيسرن جيڪي ٽائون ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسلن کي بہ ڦري لٽي رھيا آھن تہ ٻئي پاسي لاقانونيت، بدامني حد کان وڌي وئي آھي. شھرن ۽ ڳوٺن ۾ جيڪي اسٽريٽ لائيٽون منظور ٿيون اھي ڪٿي آھي؟ شھري ۽ ڳوٺاڻا اونداھين ۾ ڌڪا ٿاٻا کائي ايمرجنسيءَ ۾ ٻاھر نڪرن ٿا تہ بدامني، ڦرلٽ، ڌاڙا، اغوا جو خوف، خون خرابو، جهيڙا جهڳڙا، تہ ٻئي پاسي وري منشيات، جوا، آڪڙا پرچي، چرس، آفيم، ڀنگ، شراب، ٺرو، مين پوري، گهٽڪو پوليس جي تعاون سان ھر شھر ۽ ڳوٺ ۾ کلي عام ھلي رھيو آھي. تہ ٻئي طرف وري مھنگائيءَ جو راڄ وڌي رھيو آھي. غريب ھڪ ويلي کائڻ تي مجبور آھي. انھن جا ھي بہ مسئلا آھن، تعليم، صحت، پاڻي، صفائي سٿرائي، بجليءَ جو نظام، ھن وقت مک ۽ مڇر جو آزار، چوريون، خاص ڪري موٽرسائيڪلن جي چوري تمام گهڻي ٿي رھي آھي، ڄڻ پوليس آھي ئي ڪونہ! ٿاڻا آھن يا نہ؟ ڊي ايس پي آھي يا نہ؟ ايس پي آھي يا نہ؟ آءِ جي، ڊي آءِ جي ھن طرف الائي ڇو توجھ نٿا ڏين؟
اوھان کي اھو بہ ٻڌائيندو ھلان تہ تعلقي ميرپوربٺوري جي 12 يونين ڪائونسلن ۽ ٽائون ڪميٽين ۾ ڪيترن ئي سالن کان ڪروڙين رُپين جا فنڊ اچي رھيا آھن، پر انھن جو ڪوبہ وجود ناھي! ترقياتي ڪم جيڪي ٿيا اھي تسلي بخش ناھن. اڃا ڪجھ پڪين گهٽين وارو ڪم اڌ ۾ ڇڏيل آھي. ناليون، نالا ٻيا ڪافي ضروري ترقياتي ڪم رھيل آھن. ڪروڙين رُپيا فنڊ اچي رھيو آھي، ان جو ڪوبہ وجود ناھي. ڪچن، پڪن ملازمن جا پگهار ۽ جُڳاڙي ڪمن جا ڪوڙا بل ٺاھي، بجيٽ جا پئسا ھڙپ ڪندا رھندا آھن، باقي رقم جو ڪوبہ حساب ڪتاب ناھي! ڪوبہ ھنن کان پڇڻ وارو ناھي! نلڪا ورھائڻ، ڪچين گهٽين کي پڪو ڪرڻ، پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪرڻ بھاني رقم ڪاغذن ۾ ڏيکاري ھڙپ ڪندا آھن باقي رقم ٽائون آفيسر، سيڪريٽري ۽ ڀوتار ملي ڪاغذن ۾ ترقياتي ڪم ڏيکاري ڇڏيندا آھن. ٽائون آفيسر ۽ سيڪريٽري مھيني جا ٻہ ڏينھن آفيسن ۾ حاضر ھوندا آھن باقي ڀوتارن جي اوطاقن تي حاضري ڀري غائب ھوندا آھن. دڙو شھر جي ٽائون ڪميٽي، درياھ خان سوھو، مھر شاھ بٺورو، جهوڪ شريف ۽ ٻين يونين ڪائونسلن جا ترقياتي ڪم ڪِٿي ٿيا آھن؟ ڪٿي ڪٿي اڌ ۾ پيل آھن. پيئڻ جي صاف پاڻي، روڊ رستن جي سھولت کان ڳوٺن جا ڳوٺ، شھرن جا شھر محروم آھن. ترقياتي ڪم ڪافي ھنڌن تي رھيل آھن جن ۾ دڙو شھر، جنھن ۾ برسات وقت گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل ھوندو آھي. گهٽيون اڌ ۾ رھيل آھن.
دڙي شھر ۾ واڻين جي دور کان بہ اڳ جي واھي کوھ ٺھيل ھو، جنھن مان سڄو شھر پيئڻ لاءِ پاڻي ڀريندو ھو، ھن وقت ان ۾ ٽائون ڪميٽيءَ جي ملازمن ھٿان گند ڪچرو وجهي بند ڪرايو آھي. قبضي مافيا پنھنجي وسان ڪونہ گهٽايو آھي. قبضو ڪرڻ چاھي ٿي. اسان اپيل ٿا ڪريون تہ گند ڪچرو ڪڍائي کوھ صاف سٿرو ڪرائي ڏنو وڃي تہ جيئن شھرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ٿي سگهي. اسان جي شھر دڙي جي شاھي بازار کان شيخن جي ھوٽل تائين ۽ جامع مسجد گھٽي، ڀٽا محلہ، عباسي محلہ، بس اسٽاپ ۽ ٻين ڪافي جاين تائين اڌ ۾ ڪم ڇڏيل آھن. ۽ اڳوڻن ڪمن جي جانچ پڙتال ڪئي وڃي.
سائين منھنجا سنڌ جو ھر شھر تباھيءَ طرف وڌي رھيو آھي. خدارا انصاف ڪيو وڃي. سنڌ دشمن ۽ عوام دشمن کي اقتدار مان تري ڪڍيو وڃي. سنڌ ھيئنر ڏکاري آھي، مصيبتن ۾ مبتلا آھي، سنڌ جي عوام کي اپيل ٿا ڪريون تہ سوچي سمجهي ووٽ جي طاقت امين ماڻھن جي حوالي ڪن. 15 سال عوام ڏکاري رھي آھي، خدارا انصاف ڪريو.
ريڊيو پاڪستان جا رٽائرڊ ملازم ادائيگين کان محروم،ڪراچي ۾ احتجاج
ڪروڙين ماڻهن جي چيٽ ” جي پي ٽي “ ڏانهن لاڙو، انگ اکر
پي ٽي آءِ احتجاج ملتوي ڪري، ڪو هٿ چڙهيو ته پوءِ اسان کي ميار نه ڏجو
پي ٽي آءِ کي لاش گهرجن، ماڻهن کي مارائڻ جي منصوبه بندي ٿي چڪي
ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل خلاف احتجاج جو اعلان
ترميم لاءِ چيو ويو ته آچر تي ڪيون ، ٻي صورت ۾ سومر تي آسمان ڪرندو
ملائشين وزيراعظم جي پاڪستان آمد، گارڊ آف آنر پيش،شهباز سان ملاقات
بلاول ڀٽو جو جماعت جي اسرائيل خلاف احتجاج ۾ شرڪت جو اعلان
63 اي نظرثاني ڪيس جو فيصلو ڪلعدم،درخواستون منظور
آمريڪا جي ‘گلوبل گيم’ ۽ جنگ جي گهيري ۾ آيل وچ اوڀر
پاڪستان تجويزن تي عمل ڪندو ته هي آخري پروگرام هوندو، آءِ ايم ايف
اسلام ڪوٽ روڊ حادثو ، 2 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي
رتيش بريڪ اپ جو پيغام موڪليو: جينيليا جي دلچسپ ڪهاڻي
ايڪسچينج تاريخ جي نئين حدر پار ،980 پوائنٽس جي واڌ
قلعه سيف الله ۾ ڊپٽي ڪمشنر شيراني جي گاڏي تي فائرنگ
سنڌ سرڪار کي ڊي ايڇ اي کي زمين الاٽ نه ڪرڻ جو حڪم
نتاشه عدالت آڏو پيش نه ٿي،حاضري ڇوٽ منظور
اڊيالا جيل جي ڊپٽي ۽ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ سميت 4 اهلڪار برطرف
ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملن جي حمايت نه ڪنداسين
سڄي سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽيز جا وي سيز طلب