اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ٽن نئين سياسي پارٽين کي رجسٽرڊ ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب اليڪشن ڪميشن حصار مسلم پارٽي، پاڪستان پارٽي ۽ حق دو تحريڪ بلوچستان کي رجسٽرڊ ڪري ڇڏيو آهي.وڌيڪ 3 پارٽين جي رجسٽريشن کانپوءِ ملڪ ۾ سياسي پارٽين جو انگ 171 ٿي ويو.
