اليڪشن ڪميشن پاران پي ايس 86 جو چونڊ شيڊول جاري

دادو (ادل مهيسر) اليڪشن ڪميشن سنڌ پي ايس 86 جو شيڊول جاري ڪندي ضمني چونڊ 7 نومبر تي ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. 2 کان 4 آڪٽومبر تي ڪاغذ نامزدگي جمع ڪرايا ويندا، اميدوارن جي ڪاغذن جي جانچ پڙتال (اسڪروٽني) 8 آڪٽوبر تي ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن مطابق اميدوار رٽرننگ آفيسر اپيلٽ ٽربيونل 15 آڪٽوبر تائين اپيلون نمٽائيندي،16 آڪٽوبر تي پي ايس 86 جي اميدوارن جي نالن جي لسٽ جاري ڪئي ويندي. جڏهن ته هٿ کڻندڙ اميدوار 17 آڪٽوبر تي ڪاغذ واپس ڪيا ويندا.18 آڪٽوبر تي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ لاءِ سياسي پارٽين  کي ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيا آهن. چونڊ تڪ ۾ ڪنهن به چونڊيل نمائندي ۽ سرڪاري آفيسر ڪنهن قسم جي سرڪاري ترقياتي منصوبن جو اعلان يا افتتاح نه ڪندو ۽ ڪنهن سرڪاري آفيسر جي بدلي يا مقرري نه ڪئي ويندي. پي ايس 86 جوهي جي ننڍي چونڊ لاءِ ريجنل اليڪشن ڪمشنر ميرپورخاص عبدالزبير خان، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ٽنڊو الهيار کي رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيوويو آهي، ڊي اي او ايليمنٽري تعليم دادو نظير احمد چانڊيو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪي اين شاه عبدالفتاح پنهور کي اي آر او مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته پي ايس 86 جوهي جي ايم پي اي سيد غلام شاه جيلاني جي وفات بعد خالي ٿيل سيٽ جو اليڪشن ڪميشن پاران شيڊول پڌرو ٿيڻ بعد تڪ جي وڏيرن ۾ سياسي هلچل مچي وئي آهي ۽ پنهنجا پنهنجا اميدوار آڻڻ لاءِ برادرين جا ماڻهو سرگرم ٿي ويا آهن. پي ٽي آئي  کي ڇڏي پ پ ۾ شموليت ڪندڙ ڊاڪٽر بنده علي لغاري کي پ پ پاران ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو نه ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو