اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ فضول خرچ ڪيا: آڊٽ رپورٽ

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) آديٽر جنرل آف پاڪستان طرفان مالي سال 2017-18 بابت هڪ رپورٽ ۾ اها ڳالهه سامهون آندي وئي آهي ته 2018 جي عام چونڊن جا انتظام ڪندي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ”فضول” خرچ ڪيا ۽ بغير ٽينڊر توڙي غيرواسطيدار اٿارٽيءَ ذريعي پيسن جي ادائيگي ڪئي وئي. انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ شايع ٿيل رپورٽ مطابق اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ٽرانسپيرنٽ بيلٽ باڪسز ۽ فولڊ ايبل اسڪرينڊ آف ڪمپارٽمينٽ جي خريادريءَ ۾ صرف 36 ڪروڙ 68 لک 20 هزار روپيا غيرضروري طور تي خرچ ڪيا ويا. رپورٽ ۾ ٻين کان علاوه اها ڳالهه به سامهون آندي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان في پولنگ اسٽيشن 05 هزار روپيا جي حساب سان 86 هزار 613 پولنگ اسٽيشنن لاءِ ٽرانسپورٽيشن چارجز جي مد ۾ صوبن کي 43 ڪروڙ 30 لک روپيا جاري ڪيا ويا جڏهن ته 2018 جي عام چونڊن وقت پولنگ اسٽيشنن جو حتمي انگ 85 هزار 58 هيو. ان حساب سان 77 لک 70 هزار روپين جي اضافي ادائيگي ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ملازمن کي بنيادي پگھار جي 20 سيڪڙو شرح جي حساب سان ڏنو ويندڙ اليڪشن الائونس وزيراعظم ۽ فنانس ڊويزن جي منظوري کانسواءِ ڏنو ويو  

پهنجو تبصرو موڪليو