اليڪشن واري ڏينهن موبائيل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران اطلاعات واري وزير احمد شاهه چيو آهي ته چونڊن واري ڏينهن موبائل سروس بند ڪرڻ جو اڃا تائين ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احمد شاهه چيو ته سنڌ حڪومت چونڊن لاءِ تيار آهي، پولنگ اسٽيشنن تي پوليس ۽ رينجرز مقرر هوندي، جڏهن ته حساس پولنگ اسٽيشنن تي فوج کي مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته چونڊن لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي 625.4 ملين کان وڌيڪ رقم جاري ڪئي وئي، جڏهن ته 1.63 ارب سي سي ٽي وي ڪيمرائن لاءِ رکيا ويا. نگران سڌ سماءَ واري وزير چيو ته وفاق ۽ صوبائي حڪومتون چونڊن لاءِ تيار آهن ۽ سمورا ادارا اليڪشن ڪميشن سان گڏ آهن، تنهن ڪري چونڊون وقت تي ٿينديون.احمد شاهه وڌيڪ چيو ته عدالتون ۽ اليڪشن ڪميشن فيصلا ڪري رهيا آهن، اسان ڪنهن کي اندر يا ٻاهر وڃڻ نه ڏينداسين.امن امان جي بهتري لاءِ ڪيترن ئي مهينن کان ڪم جاري آهي پر چونڊن واري ڏينهن موبائل سروس بند ڪرڻ جو اڃا تائين ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو.هن چيو ته اليڪشن ۾ قومي فرض نڀائڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪي سياسي پارٽيون اڄ هڪ ٻئي جي مخالف آهن اهي سڀاڻي اتحادي حڪومت ٺاهي سگهن ٿيون.چونڊن جي حوالي سان هڪ انفارميشن سيل قائم ڪري رهيا آهيون، جتي مان پاڻ موجود هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو