اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2023 منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2023ع جي منظوري ڏني وئي.اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2023ع پيش ڪيو ويو.پارليامينٽ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2023ع اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ۽ ترميمي بل جي شق وار منظوري ڏني وئي. اليڪشن ايڪٽ 2023 ۾ 54 ترميمون شامل ڪيون ويون ۽ آرٽيڪل 230 ۾ ترميم پڻ تجويز ڪيل بل جو حصو آهي. بل ۾ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 230 جي ذيلي شق 2 اي ۾ ترميم شامل آهي، جنهن تحت نگران حڪومت کي اضافي اختيار ملندا. ترميم تحت نگران حڪومت کي ملڪي معيشت لاءِ ضروري فيصلا ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو ۽ نگران حڪومت عالمي ادارن ۽ پرڏيهي معاهدن کي اختيار هوندي. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ چونڊ سڌارن واري بل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته آرٽيڪل 230 آڻڻ تي ڪيترن ئي ماڻهن اعتراض ڪيو، اها غلط فهمي هئي ته ان آرٽيڪل ذريعي نگران حڪومت کي اختيار ڏيڻ جو مقصد هو. انهن کي ڊگهي عرصي تائين مشق ڪرڻ آهي.هن چيو ته اڄ عالمي بئنڪ جا نمائندا مون وٽ آيا جن کي خدشو هو ته موجوده حڪومت جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ مختلف ترقياتي منصوبن جا معاهدا ڪيئن ٿيندا. لاڳاپيل ڪميٽي کي انهن معاهدن کي جاري رکڻ لاءِ ڪو رستو ڳولڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو