افغان سرحد تي ڌماڪي سبب ميجر ۽ سپاهي شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي فوجي ترجمان ٻڌايو آهي ته پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ دوران بارودي مواد ڦاٽڻ سبب هو ميجر ۽ هڪ سپاهي شهيد ٿي ويا آهن. ميجر جنرل آصف غفور ٽوئٽ ذريعي ٻڌايو ته ميجر عديل شاهد سرحد تي شدت پسندن جا لنگهه بند ڪرڻ لاءِ ڪنڊيدار تار لڳائڻ واري ٽيم جي نگراني ڪري رهيو هو ته اوچتو پوريل بارودي مواد ڦاٽو جنهن ۾ ميجر سان گڏ سپاهي فراز حسين به شهيد ٿي ويو. واضح رهي ته پاڪستان  افغانستان سان ملندڙ سحد تي تقريبا 900 ڪلوميٽر تائين تار لڳائي چڪو آهي. هڪ هفتي دوران سرحت تي تار لڳائيندڙ فوجين تي هي ٽيون حملو آهي، اڳ ۾ فائرنگ جا ٻه واقعا ٿي چڪا آهن جن ۾ 4 شهيد ۽ هڪ زخمي ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو