ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) غيرقانوني رهيل افغان رهواسي ڪراچي جي گئس چوري ڪرڻ لڳا سهراب ڳوٺ ۾ چوري جي گئس سان ڳرا جنريٽر هلائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي بجلي رهائشي ۽ واپاري مقصدن لاءِ وڪرو ڪئي وڃي ٿي ڪراچي ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ افغان رهواسي سوئي گئس ڪمپني کي ڳرو نقصان ڏيڻ لڳا سهراب ڳوٺ الآصف اسڪوائر تي چوري جي گئس سان وڏا جنريٽر هلائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ايس پي سهراب ڳوٺ چوڌري سهيل فيض سوئي گئس ڪمپني جي انچارج اينٽي فيڪٽ سيل کي خط لکي ڇڏيو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته الاضف اسڪوائر تي گئس چوري ٿيڻ جو پتو پيو آهي افغان مافيا ايس ايس جي سي گئس سان 20 جي لڳ ڀڳ هيوي جنريٽر هلائين ٿا جنريترز جي ذريعي بجلي ٺاهي غيرقانوني طور تي وڪرو ڪئي وڃي ٿي جنريٽر سان حاصل بجلي جي رهائشي، ۽ واپاري ڪنيڪشن وڪرو ڪيا وڃن ٿا پوليس جو پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چوڻ آهي ته غيرقانوني گئس ڪنيڪشن افغان ڄاول مافيا ۽ پرڏيهي استعمال ڪري رهيا آهن.
