افغانستان ۾ سون ٽامون ۽ ليٿيم جو خزانو ڪنهن جي هٿ ايندو؟

اليڪسي ڪالميڪوف

افغانستان ۾ زيرِ زمين دفن بي پناه دولت تي پوري دنيا جون نظرون آهن. اُتي سون، ٽامين سان گڏوگڏ ليٿيم به موجود آهي. (ان کانسواءِ ڪرومائيٽ، ڪوئلو ۽ ٻيا معدنيات به تمام گهڻا آهن.) هڪ اندازي جي مطابق انهن معدنيات جي قيمت هڪ ٽرلين ڊالر ٿي سگھي ٿي، پر هاڻي هي سوالَ ٿي رهيا آهن ته افغانستان تي طالبان جي حڪومت کانپوءِ انهن قدرتي ذخيرن تي ڪنهن جو ڪنٽرول رهندو؟ جئين ئي آمريڪا 20 سالن جي جنگ کانپوءِ واپس هليو ويو آهي، طالبان به وري اقتدار سنڀاليو آهي. سوال هي آهي ته ڇا طالبان هتي موجود قدرتي دولت، انساني وسيلا ۽ جاگرافي لحاظ کان بهتر جڳھ تي هجڻ مان فائدو حاصل ڪري سگھندا؟

Photo Courtesy BBC

سوويت ۽ آمريڪي سائنسدانن جو دعويٰ آهي ته افغانستان جي پهارن ۽ مٿاڇرين ۾ تانبو، باڪسائٽ، غيرپائيدار لوھ سان گڏوگڏ سون ۽ سنگ مرر جهڙا قيمتي معدنيات موجود آهن. جيتوڻيڪ اڃا تائين افغانستان انهن جي کوٽائي ۽ انهن کي نيلام ڪرڻ جي قابل ناهي ٿيو، پر انهن معدنيات مان حاصل ٿيندڙ ڪمائي ماڻهن جون زندگيون تبديل ڪري سگھي ٿي. انڊيا،برطانيه، ڪينيڊا ۽ چين جي سيڙپڪارن افغانستان ۾ ڪيتيرن ئي ٺاهن تي صحيحون ڪيو آهن پر ڪنهن به اڃا تائين کاڻ جي کوٽائي شروع ناهي ڪئي. کاڻن جي کوٽائي لاءِ بهترين جڳهن جي باري ۾ معلومات هڪ وڏي عرصي کان موجود آهي. سن 1960 جي ڏهاڪي ۾ سوويت يونين جي زمين جي ماهرن هي معلومات جمع ڪئي. پر هن معلومات جي اڌ صدي دوران افعان ڪڏهن سوويت يونين جي خلاف وڙهيا، ڪڏهن گھرو ويڙھ جو شڪار رهيا ته ڪڏهن انهن کي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي رنڊڪ رهي ۽ نقشن ،فائلن تي مٽي ڄمندي رهي. نه ئي کاڻن جي کوٽائي شروع ٿي ۽ نه ئي وري ڪارخانا ٺهي سگھيا. ٽامي ۽ لوھ کي جڏهن زمين مان نٿو ڪڍيو وڃي ته پوءِ انهن پهاڙن کي ڳاڙهي ۽ سائي رنگ سان رنڱيو وڃي ٿو. هٿن سان کاڻ جي کوٽائي واري طريقي سان فقط ليپس ليزولي(سنگ لاجورد)، زمرد ۽ ياقوت جي کاڻن جي کوٽائي جاري آهي. هي سب ڪجھ بنيادي طور تي طالبان جي طرفان انهن علائقن ۾ ڪيو ويو جيڪي علائقا افغان حڪومت جي ڪنٽرول ۾ نه هيا ۽ پاڪستان ڏانهن کوٽائي کان پوءِ اسمگل ڪيا ويندا رهيا.

Photo Courtesy BBC

آفيم تي دارومدار رکندڙ معيشت

ان پوري عرصي ۾ افغانستان جي معيشت جي بنياد معدني وسيلا نه پر ڪچي آفيم هئي. اقوام متحده جو اندازو آهي ته افغانستان جي سڀني معاشي سرگرمين جو تقريبن 10فيصد حصو آفيم جي پيداوار، ٻاهرشيون موڪلڻ  ۽ پوست يعني ڏوڏي جي پوک سان واستو رکي ٿي. آفيم جي روانگي افعانستان ۾ باقي ٻين روانگين کان ٻيڻي آهي. نتيجي ۾ قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ عالمي منڊي کي ٽامي ۽ ليٿيم جي وڪڻن ۾ ڪو به ڪردار ادا نٿو ڪري بلڪه دنيا کي ڪچي آفيم ۽ هيروئڻ جو 85 فيصد ڏي ٿي. افغانستان ۾ ويهن سالن تائين موجود رهن جي دوران آمريڪن کاڻ جي کوٽائي واري صنعت جي فروغ لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن المارين مان آڳاٽا نقشه کنيا ۽ انهن تي مشتمل پنهنجا جديد نشه ٺاهڻ شروع ڪيا. هڪ ڏهاڪي جي دوران آمريڪي جيولوجيڪل سروي (يو ايس جي ايس) هڪ ٽيرا بائيٽ ڊيٽا گڏ ڪيو آهي ۽ افغانين کي ان جي حفاطت جي تربيت پڻ ڏني آهي. افغانستان دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن جي تقريبن سو فيصد جانچ هائپر اسپيڪٽرل اميجنگ جي ذريعي ڪئي وئي آهي. ان جي نتيجي ۾ آمريڪين 60 انتهائي جديد نقشه جاري ڪيا. پر انهن نقشن ۾ وسيلن جو صرف اندازو لڳائي سگھجي ٿو واپاري پيدوار نٿي ڪري سگھجي. هڪ اندازي جي مطابق افغانستان وٽ ليٿهيم ۽ ٻين ناياب معدني وسيلن جا 3 ٽريلين ڊالر جا ذخيرا آهن. پر انهن جي کاڻ جي کوٽائي جي لاءِ پئشا، ٽيڪنالوجي ۽ روڊ رستن جي ضرورت آهي، جيڪي افغانستان وٽ ناهن.

Photo Courtesy BBC

ڀارت ۽ چين جي دلچسپي

آمريڪا جي موجودگي دوران افغانستان ۾ پيسو اچڻ شروع ٿيو.افغانستان کي ڪيترن ئي ملڪن مالي مدد فرهم ڪئي. پر گهڻي ڀاڱي اها رقم روڊن، زراعت، بجلي ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي لاءِ ڏني وئي. عالمي بينڪ صحت، تعليم ۽ معاشري ۾ ڀائيچاري لاءِ 5 ارب ڊالر ڏنا. افغان حڪومت کاڻ جي شعبي جي ترقي لاءِ ٻاهرين ملڪن کان مدد طلب ڪئي هئي. کوڙ سارن غيرملڪي سيڙپڪار ان ڏانهن توجھ  به ڏني. هي سڀ طاقتور پاڙيسري ملڪ هئا. چين ۽ ڀارت معاشي وجھ کان وڌيڪ سياسي وجھ جي ڪري دلچسپي ڏيکاري. ڀارت 11 ارب ڊالر جي سيڙپڪاريءَ جو واعدو ڪيو. ان 3 ارب ڊالرخرچ به ڪياپر هو هاڻي واپس وڃي رهيو آهي. اسٽيل اٿارٽي آف انڊيا (سيل) جي اڳواڻيءَ ۾گھڻين ئي انڊيا جي ڪپمنين کي اتي هڪ ميٽلر ( ڌاتو جي سائنس) جا پلانٽ لاڳائڻا هئا. پهريان لوھ جي معيار جي حوالي سان مسئلا سامهون آيا ۽ وري پوءِ سيڪورٽي جا مسئلا هاڻي حڪومت تبديل ٿئي وئي آهي ۽ طالبان سان معاهدن جي تمام گھٽ اميد آهي.

Photo Courtesy BBC

چين ۽ طالبان جي وچ ۾ تعلقات بهتر آهن پر چيني ڪمپنيون گھرو ويڙھ جي ڪري وڏي سيڙپڪاريءَ کان لنوائي رهيو ن آهن. سن 2008 ۾ هڪ چيني سرڪار ڪمپنيءَ کي ڪابل جي ويجھو ميس عينڪ واري علائقي ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي ٽامي کي ذخيرو ڪرڻ جي اجازت ملي هئي. يونيسڪو جي تاريخي فهرست ۾ شامل هڪ ٻڌ يادگار جي هيٺيان هڪ اندازي جي مطابق 11 ٽن ٽامون موجود آهي. 12 سالن کانپوءِ به يادگار پنهجي جاءِ تي موجود آهي ۽ ٽامون زمين جي هيٺ. سن 2016 ۾ طالبان اعلان ڪيو هو ته مستقبل ۾ هو کاڻن جي کوٽائي تي ڪنٽرول پاڻ ڪندا. ڪابل ۾ موجود آمريڪي اهلڪارن ان ڳالھ کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو. 2 سال پهريان طالبان شروعاتي طور تي تيار ٿيندڙ هڪ کاڻ تي حملو ڪري 8 افغان مزدورن کي موت جو شڪار بڻايو هي مزدور چين جي ڪپمنيءِ لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا.

Photo Courtesy BBC

ڇا چين ٻيهر ڪم شروع ڪري سگھندو؟

چين جي سرڪاري اخبار گلوبل ٽائمز هڪ اهلڪار جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته آمريڪا جي نڪرڻ کان پوءِ هي ۽  افغانستان ۾ جاري ٻيا چيني منصوبا سماجي عدم تعاون جي ڪري اڃا تائين تعطل جو شڪار آهن. خبر ڏيندڙ اداري روئٽرز جي مطابق چين جي تيل ڪمپني سي اين پي سي امو درياءَ جي بيسن واري علائقي ۾ تيل جي پيداوار روڪي ڇڏي آهي. هي علائقو ڪيترا ئي ڀيرا راڪيٽ حملن کان محفوظ رهيو آهي. چين جي سرڪاري ملڪيت واري ڪمپني چائنا ميٽالرجيڪل گروپ، عينڪ ڪاپر ڊپازٽ زيانسي ڪاپر ڪمپنيءَ سان گڏ ٻيهر ڪم شروع ڪرڻ جي لاءِ ويچاري رهيو آهن، پر ان جي لاءِ انهن جون ٻه شرطون آهن. چين جي سرڪاري اخبار ڪمپني جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اسان ڪم شروع ڪرڻ لاءِ ويچاري رهيا آهيون پر هي تڏهن ئي ٿيندو جڏهن اتي حالات معمول جي مطابق ٿيندا ۽ چين سميت دنيا جا ٻيا ملڪ به طالبان کي تسليم ڪندا. چين اميد جو دامن ناهي ڇڏيو ۽ نه ئي انهن کي ڪا جلدي آهي.(هي مضمون بي بي سي اردو تي شايع ٿيو جيڪو جاويد سولنگي سنڌيار لاءِ ترجمو ڪيو).

پهنجو تبصرو موڪليو