اغوا ٿيل ٻارڙي گهوٽڪي جي درگاهه تان بازياب، وارثن حوالي، گهر ۾ جشن

گهوٽڪي(ن س) گهوٽڪي جي هڪ نجي اسپتال مان اغوا ٿيل نئين ڄاول ٻارڙي پوليس بازياب ڪرائي وارٿن حوالي ڪري ڇڏي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪري گهريلو ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ اغوا ٿي ۽ اغوا ڪندڙ سندس مامو هو. گهوٽڪي جي پير ناري شاهه درگاهه تان ٻارڙي بازياب ڪرائي وئي. پوليس ٻارڙي سندس والد زوهيب جي حوالي ڪئي، والدين بي حد خوش ٿيا ۽ گهر ۾ جشن جو ماحول آهي. واضح رهي ته ٻارڙي جي اغوا بعد پوليس بسم الله اسپتال جي ٻن نرسن سميت چئن ملازمن کي حراست ۾ ورتو هو ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان سندن ٽن ڏينهن جو ڇنڇر تي رمانڊ ورتو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو