اسڪول کي نئين بلڊنگ ڏئي شاگردن جون زندگيون بچايو؛ استاد

لاکاروڊ (اظھر جلباڻي) 1966 ۾ قائم ٿيل گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ غلام حيدر کنڊ ۾ 350 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن جان مان  اٽڪل 150 شاگرد ٻن زبون حال ٿيل ٻن ڪلاس رومن ۾ ۽ 200 شاگرد ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺھرايل ڇپري هيٺ ويهي تعليم پرائين ٿا جتي هو سردي ۽ گرمي سبب متاثر ٿين ٿا. اسڪول ۾ مقرر استادن ڄام خان کنڊ ، مدد علي کنڊ، غلام مصطفيٰ وگهيو ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هي اسڪول 1966۾ قائم ٿيو ۽ 1975 ۾ بلڊنگ ٺهي جيڪا هاڻي بلڪل زبون ٿي وئي آهي شاگرد خوف ۾ مبتلا آهن جنهن سبب سندن تعليم متاثر ٿي رهي آهي. هنن حڪومت کي اپيل ڪئي ته فوري طور نئين بلڊنگ ٺھرائي وڃي ته جيئن معصوم شاگردن ۽ شاگدياڻيون تعليم حاصل ڪري سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو