حڪومتي اميدوار اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويا

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) مسلم ليگ (ن) جو سردار اياز صادق 199 ووٽ کڻي قومي اسمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. راجا پرويز اشرف کيس نئين اسپيڪر طور حلف کڻايو ۽ اسپيڪر جي ڪرسي سندس حوالي ڪئي. ٽيون ڀيرو اسپيڪر جي عهدي تي ڪامياب ٿيندڙ اياز صادق ووٽ ڏيندڙ سڀني اتحادين جو شڪريو ادا ڪيو. ان کان اڳ اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ووٽنگ دوران 291 ووٽ ڪاسٽ ٿيا جن مان هڪ ووٽ رد ڪيو ويو ۽ راجا پرويز اشرف اعلان ڪيو ته اياز صادق جي مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جو ملڪ محمد عامر ڊوگر 91 ووٽ حاصل ڪيا. نتيجي جي اعلان بعد سردار اياز صادق اٿي وڃي عامر ڊوگر سان ڳلي مليو. اياز صادق اسپيڪر طور حلف کڻڻ بعد اجلاس جي صدارت ئي ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪرائي،ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ غلام مصطفيٰ  ۽ جنيد اڪبر جو مقابلو ٿيو جنهن ۾ پيپلز پارٽي جو غلام مصطفيٰ 197 ووٽ کڻي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو، نئين چونڊيل اسپيڪر اياز صادق ڊپٽي اسپيڪر کان عهدي جو حلف ورتو.غلام مصطفيٰ جي مقابلي ۾ سني اتحاد جي اميدوار جنيد اڪبر کي 92 ووٽ مليا.ان دوران ايوان مينڊيٽ چور نا منظور جا نعرا به لڳندا رهيا. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ايوان ۾ ميمبرن کي اسپيڪر جي چونڊ جو طريقيڪار ٻڌايو، جنهن کانپوءِ سني اتحاد ڪائونسل جي بيرسٽر گوهر ۽ عمر ايوب پوائنٽ آف آرڊر تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جيستائين اسيمبلي ۾ ميمبرن جو تعداد وڌندو. ايوان مڪمل ٿيو، اليڪشن ڪيئن ٿيندي؟ مسلم ليگ ن جي ميمبر قومي اسيمبلي راڻا تنوير جڏهن خيالن جو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن شور مچائڻ شروع ڪيو، جنهن تي اسپيڪر چيو ته جڏهن توهان ماڻهو ڳالهائي رهيا هئا ته سڀ خاموشي سان ٻڌي رهيا هئا. توهان کي ٻين کي خاموشي سان ٻڌڻ گهرجي. بعد ۾ اسپيڪر راجا پرويز اشرف اسپيڪر جي چونڊ جو عمل شروع ڪندي چيو ته آئين ۽ قانون موجب اوهان پاڻ اليڪشن ڪميشن وٽ ويا آهيو، اليڪشن ڪميشن چونڊن سان لاڳاپيل فورم آهي قومي اسيمبلي ناهي،اسپيڪر لاءِ اياز صادق مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جو گڏيل اميدوار آهي، جڏهن ته عامر ڊوگر سني اتحاد ڪائونسل جو اميدوار آهي، اسپيڪر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ ذريعي ڪئي ويندي. اسپيڪر جي چونڊ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ٿيندي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن 19هين قومي اسيمبلي جي پهرين اجلاس ۾ 336 رڪني ايوان مان 302 ميمبرن حلف کنيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو