اسپيڪر قومي اسمبلي ۾ “عام آدمي” گيلري جو افتتاح ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(اياز مهر) قومي اسمبلي جي اسپيڪر عام ماڻهن لاءِ اسمبلي جي گيلري جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ڪو به پاڪستاني شهري جنهن وٽ نادرا جو جاري ڪيل ڪمپيوٽرائيزڊ ڪارڊ آهي، اهو اسمبلي جي ڪاروائي ڏسي سگهندو. اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ هائوس جي گيٽ نمبر 5 تان عام شهري شناختي ڪارڊ تي پاس وٺي قومي اسمبلي جي گيلري ۾ ويهي ڪاروائي ڏسي سگهندو.  هن ٻڌايو ته گيلري ۾ سگريٽ پيئڻ، تاڙيون وڄائڻ ۽ نعرا هڻڻ تي پابندي هوندي. ڪو به شهري موبائيل فون، ڪيمرا، ڪتاب، ڇٽي يا ٻيو اهڙو سامان کڻي نه ايندا. ياد رهي ته سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل گورنر هائوس عام ماڻهن لاءِ کولڻ جو اعلان ڪيو هو. ڪو به شهري شناختي ڪارڊ جي انٽري ڪرائي صبح 6 کان 10 تائين سنڌ جو گورنر هائوس گهمي سگهي ٿو. آچر تي شام ساڍي چئين وڳي کان ساڍي ڇهين وڳي تائين شهري اچي سگهن ٿا.

نٿيا گلي ۾ خيبر پختونخواهه جو گورنر هائوس

خيبر پختونخواهه جي حڪومت ان کان به هڪ قدم اڳتي فيصلو ڪيو هو ته نٿيا گلي جي پرفضا مقام تي واقع گورنر هائوس، وزير اعليٰ هائوس ۽ سرڪاري گيسٽ هائوس ۾ ڪوبه آن لائن بڪنگ ڪري رهائش به اختيار ڪري سگهن ٿا. انگريزن جي دور جي تعمير ٿيل گورنر هائوس ۾ 40 هزار روپيا هڪ رات جو ڪرايو آهي، وزيراعليٰ هائوس ۾ 24 هزار ۾ ڪمرو ملندو ۽ سرڪاري گيسٽ هائوس ۾ 18 هزار روپين ۾ هڪ رات لاءِ ڪمرو حاصل ڪري سگهجي ٿو. خيبر پختونخواهه جي حڪومت سياحت جي فروغ لاءِ اهو فيصلو ڪيو هو. حڪومت جو چوڻ آهي ته عوام جي ٽيڪس جي پئسن تي ايڏا وڏا گهر مينٽين ڪيا وڃن ٿا انهن ۾ عام ماڻهن کي به رهڻ جي اجازت هجڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو