اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) اسپيڪر قومي اسمبلي اپوزيشن جي ميمبرن پاران سخت تنقيد بعد قومي اسمبلي جو اجلاس ساڍي نائين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ٻئي وفاقي ڪابينا جو خصوصي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ شروع ٿي ويو آهي. اجلاس جي باضابطه ايجنڊا جاري نه ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏيندو ۽ عدم اعتماد جي ووٽنگ ٿيڻ نه ڏيندو، جيئن سڀاڻي چئي سگهي ته مونکي ڪڍيو نه ويو هو بلڪ مون پاڻ استعيفيٰ ڏني هئي.










