اسلام خاطر معروف اداڪارا جي شوبز انڊسٽري کي الوداع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪارا انعم فياض اسلام جي خاطر شوبز انڊسٽري کي الوداع چئي ڇڏيو.ڪيترن ئي مشهور ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ انعم انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ذريعي شوبز انڊسٽري تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.هن انسٽاگرام پوسٽ ۾ لکيو ته هي پيغام لکڻ تمام ڏکيو آهي، توهان سڀني منهنجي ميڊيا ڪيريئر ۾ منهنجو ساٿ ڏنو پر هاڻي مون شوبز انڊسٽري ڇڏي اسلام جي مطابق زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آهي.انعم مداحن کي اپيل ڪئي ته هو کيس پنهنجي دعائن ۾ ياد رکن.واضح رهي ته انعم ڪافي عرصي کان اداڪاري ڪندي نظر نه اچي رهي آهي، جڏهن ته انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيل تصويرن ۾ هوءَ حجاب ۾ نظر اچي رهي آهي.انعم 2016ع ۾ اسد انور سان شادي ڪئي، کيس هڪ پٽ پڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو