اسلام آباد ۾ جهيڙو، فائرنگ، 3 ڄڻا قتل، 5 زخمي

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ سهالا واري علائقي ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران 3 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن.پوليس ذريعن موجب ٻارن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو جنهن دوران وڏا وچ ۾ پئجي ويا، فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو.. پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا قتل جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا.واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي. جڏهن ته ريسڪيو ادارن لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. زخمي ٿيندڙن ۾ هڪ عورت به شامل آهي پوليس موجب فوت ٿيل ۽ زخمي ماڻهن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي، ڌرين ۾ ڪافي وقت کان جهيڙو هلي رهيو هو. فائرنگ ۾ فوت ٿيلن ۾ غلام مصطفيٰ، زبير اقبال ۽ پرويز جڏهن ته زخمين ۾ بلال مصطفيٰ، عمير اقبال، عديل، گلفام ۽ سدره شامل آهن. ٻئي طرف آءِ جي اڪبر ناصر خان واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو