اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر قلم 144 تحت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، وفاقي راڄڌاني ۾ جلسن ۽ جلوسن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته قلم 144 تحت اسلام آباد ۾ ڪنهن به قسم جي جلسي، جلوسن تي مڪمل پابندي هوندي.نوٽيفڪيشن موجب سماج جا ڪجهه طبقا اسلام آباد جي حدن ۾ مجلس/ جلوس سميت غير قانوني گڏجاڻيون منعقد ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن.ڊپٽي ڪمشنر جي نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انهن خدشن کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد ۾ 5 يا 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي مڪمل پابندي هوندي.نوٽيفڪيشن ٻن مهينن لاءِ صحيح هوندو، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قلم 144 تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.
