اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي، اسلام آباد ۾ اعليٰ پوليس آفيسرن جون موڪلون منسوخ ڪيون ويون آهن.اسلام آباد پوليس جي سڀني نگران آفيسرن کي فوري طور تي ڊيوٽي تي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اڳ ۾ منظور ٿيل موڪلون پڻ فوري طور تي منسوخ ڪيون ويون آهن.ان کان علاوه باجوڙ ۾ هڪ مهيني لاءِ موٽرسائيڪل تي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.










