اسلام آباد پوليس جا 17 جوان بني گالا سب جيل ۾ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد پوليس جي 17 جوانن کي بني گالا سب جيل ۾ مقرر ڪيو ويو، بني گالا جي رهائشگاهه کي سب جيل قرار ڏنو ويو هو. پي ٽي آءِ باني جي رهائشگاهه کي سب جيل قرار ڏيڻ کانپوءِ اسلام آباد پوليس جي 17 جوانن کي اتي مقرر ڪيو ويو آهي. وفاقي پوليس هڪ ايس پي، هڪ ڊي ايس پي ۽ هڪ انسپيڪٽر کي به بني گالا ۾ مقرر ڪيو آهي، اڊيالا جيل جي عملي ۾ ٻه عورت ۽ ٻه مرد اهلڪار شامل آهن. واضح رهي ته چيف ڪمشنر اسلام آباد بني گالا رهائشگاهه کي سب جيل قرار ڏنو هو ۽ گذريل رات بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل کان بني گالا منتقل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو