اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد، پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن سبب 12 ڄڻا فوت ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.موسميات کاتي موجب اڄ پنجاب، اسلام آباد، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پري مون سون برساتن جو سلسلو 30 جون تائين جاري رهندو. پنجاب ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 11 ڄڻا فوت ٿي ويا، لاهور ۾ سخت گرمي کانپوءِ تيز برسات پئي، جتي سڀ کان وڌيڪ برسات ايئرپورٽ ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ پئي، برسات ۽ طوفان سبب لاهور جا 150 کان وڌيڪ فيڊر ٽريپ ٿي ويا ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي غائب ٿي وئي. جڏهن ته گوجرانوالا، شيخوپوره، نارووال ۽ سيالڪوٽ ۾ به برسات پئي. بلوچستان جي علائقن چمن، قلعه سيف الله، موسيٰ خيل، ڪوهلو، قلات ۽ جهل مگسي ۾ تيز برسات پئي، جڏهن ته زيارت وادي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گجگوڙ ڪئي وئي، جنهن دوران هڪ ٻارڙو سيلابي ريلي ۾ ٻڏي ويو. ڪوئيٽا ۾ به برسات کانپوءِ ڪيترائي پول ڪري پيا، جنهن سبب شهر جي اڪثر علائقن ۾ بجلي غائب ٿي وئي. ٻئي طرف پشاور ۾ تيز برسات کانپوءِ اسٽيڊيم چوڪ ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، مالاڪنڊ، سوات، چارسده، لوئر دير، صوابي، مردان مانسهره ۾ به برسات پئي، بونير ۾ ڇت ڪرڻ سبب هڪ عورت فوت ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
