تل ايب (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي پوليس فلسطيني اداڪارا ميسا عبدالهادي کي گرفتار ڪري ورتو.پرڏيهي ميڊيا موجب 37 ورهين جي اداڪارا کي سوشل ميڊيا تي فلسطين بابت پوسٽ ڪرڻ تي حراست ۾ ورتو ويو آهي.رپورٽن مطابق هن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي حماس جي 7 آڪٽوبر جي جواب بابت پوسٽ ڪئي.اسرائيلي پوليس پنهنجو نالو ظاهر ڪرڻ کان سواءِ چيو آهي ته اداڪاره کي ناصرت جي شهر ۾ حراست ۾ ورتو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل ۾ فلسطين بابت خيالن جو اظهار ڪرڻ تي ڪيترن ئي اداڪارن ۽ مشهور شخصيتن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ان کان اڳ اداڪارا 9 مئي 2021ع تي حيفا شهر ۾ پرامن مظاهري دوران اسرائيلي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ زخمي ٿي هئي.پرڏيهي ميڊيا موجب ميسا عبدالهادي 2011ع ۾ دبئي فلم فيسٽيول ۾ بهترين اداڪارا جو ايوارڊ حاصل ڪيو هو.
