استادن جي ڀرتي 4و سيڪڙو مارڪس تي ڪئي وڃي. پليجو

بدين/مٺي(نمائندن وٽان)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌ شديد غربت ۽ بيروزگاري جي گھيري ۾ آھي۔ سنڌ ۾ استادن جون ڀرتيون ميرٽ ۽ 40 سيڪڙو مارڪس تي ڪيون وڃن۔ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي بحال ڪيو وڃي۔ سڄي ملڪ ۾ ميرٽ ۽ برابري چاھيون ٿا۔ ھن اھڙو اظهار بدين پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي ۽ مٺي ۾ نوجوانن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو۔ اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو تہ سنڌ سرڪار طرفان پنھنجن مخصوص ماڻهن کي فائدو ڏيڻ واري پاليسي آئين جي ڀڃڪڙي آهي۔ سنڌ سرڪار طرفان مخصوص علائقن کي ھارڊ ايريا ۾ شامل ڪيو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پئٽرول جي قيمتن ۾ اضافي ۽ مھانگائي سان عوام سخت پريشان آھي سنڌ پبلڪ سرور ڪميشن کي فورن بحال ڪيو وڃي۔ ملڪ سميت سنڌ جي گورننس ۽ ميرٽ تباھ ٿي چڪي آھي۔ افغان صورتحال سان خطي ۾ سياسي، دفاعي ۽ معاشي مفاد تبديل ٿي ويا آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ آبادگارن، مزدورن، عورتن ۽ نوجوانن کي بنيادي حق ڏنا وڃن۔ انتھاپسندي جا ٻڄ پوکڻ وارا موجوده سنگين صورتحال مان سبق حاصل ڪن۔ سنڌ مان غير قانوني پرڏيھين کي واپس ڪيو وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ زراعت جي تباهي ۽ پاڻي جي کوٽ جي سخت تشويش آهي. عوام کي روزگار ۽ امن نه ڏيندڙ جمهوريت جا چئمپين نہ ٿين. سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان غربت ۽ تباهي جي گهري ۾ آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نہ ڪيا ويندا. ٿر ڪاڇو، ڪوهستان ۽ نارو ۾ ماڻهو بک ۽ غربت سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن. چئني صوبن جون زمينون ۽ وسيلا انهن صوبن جي عوام جا آهن. هارين، مزدورن، عورتن ۽ نوجوانن کي بنيادي حق ڏنا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا اڌ ضلعا گٽر ٿي ويا آهن ۽ اڌ پاڻي کوٽ جي ڪري سڪي ٺوٺ ٿي ويا آهن. وفاق پاڻي، روزگار ۽ وسيلن ۾ سنڌ سان انصاف ڪري. پئٽرول جي قيمتن ۾ اضافي ۽ مهانگائي سبب عوام سخت پريشان آهي. ٿر شديد غربت ۽ بيروزگاري جي گهيري ۾ آهي. قومي عوامي تحريڪ بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو