اسان کي عوام جي مسئلن جو احساس آهي، ميئر مرتصيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتصيٰ وهاب چيو آهي ته اسان کي عوام جي مسئلن جو احساس آهي ڪوشش آهي ته برساتن ۾ ڪٿي به پاڻي نه بيهي هيٺين علائقن ۾ وسندڙ برسات دوران پاڻي بيهجي وڃي ٿو جنهن کي صاف ڪيو وڃي ٿو جن ماڻهن برسات پاڻي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي هلايون اهي هاڻي گم آهي تصويرون سوشل ميڊيا تي جاري ڪندڙ پاڻي ڪليئر ٿيڻ جون به تصويرون ڏسن شهرين کي ڪٿي به ڪا شڪايت هجي ته اهي مون کي ٻڌائين ڪي ايم سي ڪراچي، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن سميت سمورن لاڳاپيل کاتن جون ٽيمون گرائونڊ تي موجودآهن اها ڳالهه هن شهر ۾ ٿيندڙ هاڻوڪين برساتن کان پوءِ رات دير سان سينٽرل ضلعي جي مختلف علائقن جو دورو ڪندي ڪئي. ميئر مرتصيٰ وهاب شادمان جي علائقي ڊبل نالي ۽ يو پي نالي جو دورو ڪيو ۽ ان جو جائزو ورتو هن ان ڳالهه تي اطمينان ظاهر ڪيو ته برساتن ۾ نالي جو وهڪرو برقرار آهي شادمان نالو ڪجهه هنڌن تي بند هو جنهن کي بنا دير ڪليئر ڪيو ويو آهي ميئر نانگن چورنگي، يو پي موڙ، سليم سينٽر، پاور هائوس چورنگي ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ به ويو جتي برساتي پاڻي جي نيڪال تي مقرر عملي پاڻي جي نيڪال جو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو هو ميئر چيو ته چوماسي جي برساتن ۾ شهرين کي ٿيندڙ ڏکيائين سبب اسان اڳواٽ اهڙا قدم کنيا جن جي ڪري نه رڳو برساتي نالن ۾ وهڪرو ۽ سطح برقرار رهي پر رستن ۽ شاهرائن تي بهپاڻي جي نيڪال جو ڪم تيزي سان مڪمل ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو